سجاول ۾ پ پ جو ڊاڪٽر اقبال ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس

پارٽي قيادت پاران مليل ذميواري هڪ امانت آهي: ڊاڪٽر اقبال ميمڻ

سجاول ۾ پ پ جو ڊاڪٽر اقبال ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس

سجاول (رپورٽر) پ پ تعلقي صدر ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ جي صدارت ۾ پ پ تعلقي آفيس سجاول گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ تنظيم سازي جو عمل تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي سجاول جي نون چونڊيل عهديدارن جي پهرين تعارفي گڏجاڻي پارٽي آفيس سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جي صدارت تعلقي صدر ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ ڪئي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ چيو ته پارٽي قيادت پاران مليل ذميواري هڪ امانت آهي. هن چيو ته آئون پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري ، ادي فريال ٽالپر ، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، پ پ پ ضلعي سجاول جي صدر صوبائي وزير محمد علي خان ملڪاڻي جنرل سيڪريٽري ايم پي اي ريحانه لغاري جن جا شڪرگذار آهيون جن اسان تي ڀروسو ۽ اعتماد ڪيو. هن عهديدارن تي زور ڀريو ته پارٽي جي عزت ۽ ڀرم رکڻ لاءِ پوري ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪيو وڃي ته جيئن پارٽي کي زميني سطح تي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تعلقي سجاول جي سمورن يونين ڪائونسلن ۾ جلد تنظيم سازي مڪمل ڪئي ويندي. تعلقي صدر تعلقي جي عھديدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجيون تجويزون ڏين ته جيئن گڏيل صلاح مشوري سان شهر ۽ يو سي سطح تي تنظيم سازي ڪئي وڃي. ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ وڌيڪ چيو ته اسان جي پهرين ترجيح پارٽي جي وفادار ڪارڪنن کي عزت ڏيڻ ۽ کين پارٽي جي فيصلن ۾ شامل ڪرڻ آهي. گڏجاڻي ۾ تعلقي جي مختلف عهديدارن جنرل سيڪريٽري عبدالله خان لغاري، انفارمیشن سيڪريٽري شفقت حسين شاھ مٽياري، سينيٽر نائب صدر محبت لغاري، نائب صدر ولي ميمڻ، نائب صدرڄام دوست علي سهتو، نائب صدر عرفان سومرو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عارف ابڙو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شفيع لغاري ، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري محمد ٻارڻ، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري جهانگير ميربحر، رڪارڊ واقيات سيڪريٽري نظير چانڊيو، عبدالطيف سجڪاڻي فنانس سيڪريٽري ۽ صديق ميربحر آفيس سيڪريٽري سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ نئين قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. آخر۾ تعلقي صدر ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ نون چونڊيل عهديدارن کي لنگين جا تحفه پيش ڪيا.