English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پاران منشيات بابت آگاهي جي لاءِ سيمينار منعقد
135 views
|
28th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سيمينار جو مقصد صحتمند ۽ منشيات کان پاڪ معاشري جي قيام لاءِ گڏيل ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ هو
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران هڪ وڌيڪ بھترين قدم ، منشيات خلاف آگاهي سيمينار جو اھتمام، ضلعي انتظاميا ٺٽو جي پاران لمس جي سهڪار سان " پر امن ۽ خوشحال سماج لاءِ منشيات کان پاڪ نوجوان “ جي عنوان سان هڪ اهم آگاهي سيمينار لياقت انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ڪيمپس ٺٽو ۾ منعقد ڪيو ويو.سيمينار جو بنيادي مقصد نوجوانن ۽ عوام ۾ منشيات جي نقصانات جي اثرن بابت شعور پيدا ڪرڻ، ان جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم اجاگر ڪرڻ ۽ هڪ صحتمند ۽ منشيات کان پاڪ معاشري جي قيام لاءِ گڏيل ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ هو.سيمينار کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت چيو ته ٺٽو هڪ تاريخي ضلعو آهي ۽ ماضي ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي، جنهن جي هڪ شاندار ۽ شاهوڪار تاريخ رهي آهي، پر موجوده دور ۾ منشيات جي وڌندڙ رجحان کي روڪڻ لاءِ سڀني مڪتب فڪر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هن زور ڀريو ته نوجوان سوشل ميڊيا کي مثبت انداز ۾ استعمال ڪندي گٽڪو ۽ ٻين منشيات جي نقصانن خلاف مؤثر مهم هلائن ته جيئن معاشري کي هن لعنت کان پاڪ بڻائي سگهجي.هن چيو ته جيڪڏهن عوام پاڻ منشيات جو استعمال ڇڏي ڏين ته ان جي وڪرو پاڻمرادو ختم ٿي ويندي.ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو ساجد امير سدوزئي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٺٽو صوفين ۽ اوليائن جي سرزمين آهي، جيڪا ڪڏهن علم ۽ دانش جو گهوارو رهي آهي، پر اڄ ان کي منشيات سان ڳنڍيو پيو وڃي، جيڪو ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.هن چيو ته عوام خاص ڪري نوجوان پنهنجي محنت جي ڪمائي منشيات تي خرچ ڪري نه صرف مالي پر جسماني نقصان پڻ کڻي رهيا آهن.هن نوجوانن کي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ ميون سميت فائديمند غذائن جي استعمال جي تلقين ڪئي.ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ استعمال ڪندڙن جو سماجي بائيڪاٽ ضروري آهي، جڏهن ته پوليس طرفان منشيات خلاف ڪارروايون تسلسل سان جاري آهن.هن واضح ڪيو ته پوليس کاتي ۾ پڻ منشيات جي استعمال تي سخت پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.سيمينار کي لمس جي پرنسپل غلام سرور قريشي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي منشيات جي نقصانن ۽ ان جي روڪٿام بابت آگاهي ڏني.ان کان اڳ سينئر ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر شيام ڪمار شرڪت ڪندڙن کي گٽڪي ۽ ماوا جي استعمال سان ٿيندڙ نقصانن، خاص طور تي وات جي ڪينسر جي وڌندڙ ڪيسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.مقررين هن عزم جو اظهار ڪيو ته اهڙا آگاهي پروگرام لڳاتار جاري رکيا ويندا ته جيئن عوام ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ معاشرو منشيات جهڙي لعنت کان پاڪ ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ ضلعي انتظاميه پاران منشيات
0 تبصرے