4سال اڳ مائٽن زمين جي تڪرار تان والد کي قتل ڪيو هو: ساجد چنو
هڱورجا(رپورٽر)رسول آباد جي رهواسي ساجد علي چنو پنهنجي سوٽ شوڪت علي سان گڏجي هنڱورجا پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته چار سال اڳ مخالف مائٽن زمين جي تڪرار تان منهنجي والد حبدار علي کي قتل ڪيو هو جنهن جو 7 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جن مان 3 جوابدار جيل ۾ آهن ۽ 3 ضمانت تي جڏھن ته هڪ جوابدار روپوش آهي هنن الزام مڙهيو ته ضمانت تي آزاد ٿيل ۽ روپوش جوابدارن کي ڳوٺ جي بااثرن ڳوٺ ۾ واپس رهايو ويو آهي جيڪي ڳوٺ ۾ اچڻ بعد اسان کي مسلسل موتمار ۽ زمين تي قبضي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن کي ڳوٺ جي بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ڪري ڪنهن به وقت جاني مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن ڪري اعلي اختيارين کي اپيل آهي ته قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف پڻ ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ سميت ڪو وڏو نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي
0 تبصرے