رهواسي صحت، تعليم، روڊ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت کان محروم
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حدن ۾ واقع گڏاپ ٽائون جي مهر جبل تي سطح سمنڊ کان لڳ ڀڳ هڪ هزار فوٽ اوچائي تي قائم جبل ڳوٺ، مهر ڳوٺ ۽ بخر ڳوٺ اڄ به صحت، تعليم، روڊن ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جنهن سبب سوين خاندان سخت تڪليفن واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن علائقي جي رهواسين محمد بخش ڪانڙو، محمد يوسف برفت، غلام رسول برفت ۽ پريل برفت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو صدين کان هن علائقي ۾ آباد آهن، پر اڄ تائين حڪومت سندن بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به سنجيده قدم نه کنيو آهي. هنن ٻڌايو ته تعليم لاءِ صرف هڪ ڪمري تي ٻڌل اسڪول موجود آهي، جيڪو پڻ زبون حالي جو شڪار آهي اسڪول جي عمارت جي ديوارن ۾ وڏا ڏار پئجي چڪا آهن، جنهن سبب ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو رهواسين موجب علائقي ۾ صحت جون ڪي به بنيادي سهولتون موجود ناهن، جڏهن ته خراب ۽ اڻپوري رستن سبب بيمارن کي علاج لاءِ شهر منتقل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوي ٿو. برساتي موسم دوران ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا مڪمل طور بند ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري رهواسي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻين علائقن کان ڪٽجي ويندا آهن هنن وڌيڪ چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي شديد کوٽ سبب عورتون ۽ ٻار ميلن جا فاصلا طئي ڪري پاڻي آڻڻ تي مجبور آهن. علائقي جي اڪثر ماڻهن جو گذر سفر مالوند هجڻ ڪري مويشي پالڻ تي آهي، پر وڌندڙ مهانگائي سبب جانورن جي پالنا سان گڏ پنهنجن گهر ڀاتين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ به انتهائي مشڪل بڻجي ويو آهي رهواسين الزام هنيو ته هر چونڊ دوران اميدوار ترقياتي منصوبن جا وڏا واعدا ڪري ووٽ حاصل ڪندا آهن، پر چونڊون ختم ٿيندي ئي علائقي جو رخ به ناهن ڪندا. سندن چوڻ هو ته هو سالن کان رڳو واعدن ۽ آسرن تي زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته عملي طور کين ڪا به سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي مهر جبل جي رهواسين سنڌ حڪومت، وزيراعليٰ سنڌ، وزير بلديات ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور مهر جبل جي جبل ڳوٺ، مهر ڳوٺ ۽ بخر ڳوٺ ۾ پڪا روڊ، صحت جون سهولتون، معياري تعليمي ادارا ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سڀ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيئن ڪراچي جي حدن ۾ رهندڙ اهي سوين خاندان به عزت، تحفظ ۽ بهتر ماحول ۾ زندگي گذاري سگهن
0 تبصرے