English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ٽائون جي چوٿين 4 ارب 23 ڪروڙ 74 لک رپين جي بجييٽ پيش
100 views
|
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گذريل 4سالن ۾ لڳ ڀڳ 15 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ باوجود عوام بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو مالي سال 2026/2027 لاءِ 4 ارب 23 ڪروڙ 74 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي جيڪا نئين مڪاني نظام قائم ٿيڻ کان پوءِ هن ٽائون جي موجوده انتظاميا جي چوٿين ۽ آخري سالياني بجيٽ آهي ھٿ ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال 2023–2024 ۾ ٽن ارب رپين کان وڌيڪ، مالي سال 2024–2025 ۾ 3 ارب 55 ڪروڙ 36 لک 89 هزار 942 رپين، مالي سال 2025–2026 ۾ 3 ارب 85 ڪروڙ 71 لک 415 رپين ۽ هاڻي مالي سال 2026–2027 جي بجيٽ به اربين رپين تي مشتمل پيش ڪئي وئي آهي گذريل چئن مالي سالن دوران ٽائون طرفان مجموعي طور لڳ ڀڳ 15 ارب رپين کان مٿي جون بجيٽون پيش ڪيون ويون آهن، جن ۾ ترقياتي منصوبن، صفائي، روڊن جي تعمير ۽ مرمت، سيوريج اسٽريٽ لائيٽن، پارڪن جي بحالي، پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين بلدياتي خدمتن لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا تنهن هوندي به، ٽائون جي مختلف يوسين جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اربين رپين جي بجيٽن باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾ ٽٽل روڊ، گٽرن جي اوور فلو، نيڪاسي جي خراب نظام، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، گهٽين ۾ بيٺل گندو پاڻي، اسٽريٽ لائيٽن جي اڻهوند ۽ صفائي جي خراب صورتحال اڃا تائين برقرار آهي.مقامي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين مطالبو ڪيو آهي ته موجوده انتظاميا پنهنجي چئن سالن جي ڪارڪردگي بابت مڪمل تفصيل عوام آڏو پيش ڪري. سندن چوڻ آهي ته عوام کي ڄاڻڻ جو حق آهي ته ترقياتي اسڪيمن لاءِ مختص ڪيل فنڊ ڪهڙن منصوبن تي خرچ ٿيا، ڪهڙا منصوبا مڪمل ٿيا، ڪهڙا اڌورا رهيا ۽ انهن مان عملي طور عوام کي ڪهڙو فائدو حاصل ٿيو شهرين وڌيڪ مطالبو ڪيو آهي ته هر ترقياتي منصوبي، فنڊن جي ورڇ، ٽينڊرن، ادائگين ۽ آڊٽ بابت تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي وڃي، جيئن سرڪاري فنڊن جي استعمال بابت شفافيت يقيني بڻائي سگهجي هوڏانهن ٽائون انتظاميا جو موقف آهي ته بجيٽ جو وڏو حصو بنيادي مڪاني سهولتن جي بهتري لاءِ مختص ڪيو ويو آهي ۽ جاري توڙي نون ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ٽائون جي چوٿين 4 ارب 23 ڪروڙ
0 تبصرے