ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سهيل اختر عباسي ڪم جو معائنو ڪيو
نوشهروفيروز (ڊ ر)ايم پي اي ممتاز چانڊيو ۽ حاجي سھيل اختر عباسي ضلعي صدر ڪائونسل چيئرمين نوشھروفيروز جي خصوصي ڪوششن سان ٻه ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ نوشهروفيروز پريس ڪلب جي نئين عمارت جو ڪم تيزي سان جاري آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي نوشهروفيروز جي صدر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين حاجي سهيل اختر عباسي، عبدالواحد عباسي سان گڏ تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي تعميراتي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي حاجي سهيل اختر عباسي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، نوشهروفيروز پريس ڪلب جي صحافين جي محنت ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ هي عمارت فراهم ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته پريس ڪلب نوشهروفيروز جا صحافي هميشه ضلعي جي غريب عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته نوشهروفيروز جي صحافين کي اهي سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيڪي ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر جي صحافين کي حاصل آهن. ان موقعي تي پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر محمد يونس راجپر صحافين کي درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏني. تقريب ۾ جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي، محبوب ڪلهوڙو، ارشاد عباسي، امتياز علي سومرو، خادم حسين مري، مسرور احمد چانڊيو، خادم حسين سيال، راجا رجب سمو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي ۽ پي پي ضلعي صدر ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوشهروفيروز جا ٿورا مڃيا.
0 تبصرے