شڪارپور پوليس پاران لکين رپين جي چوري ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

چوري ۾ ملوث ذيشان شيخ ۽ مرتضيٰ سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آهي: محمد آصف کرل

شڪارپور پوليس پاران لکين رپين جي چوري ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور(احسان ابڙو)شڪارپور ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ جي هدايتن تي پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن,اي ايس پي سٽي محمد آصف کرل جي اڳواڻي ۾ پوليس اهم ڪارروائي ڪندي ڪجهه ڏينهن اڳ لکيدر ٿاڻي جي حد ۾ علي جان ڀٽو جي گهر ۾ ٿيل چوري جي واردات جو ڪامياب پتو لڳائي ورتو,پوليس چوري ٿيل سمورا سونا زيور ۽ روڪ رقم برآمد ڪري ٻن جوابدارن، ذيشان شيخ ۽ مرتضيٰ سولنگي، کي گرفتار ڪري ورتو آهي, پوليس موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي,ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران اي ايس پي سٽي محمد آصف کرل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور پوليس ڏوهارين خلاف بنا فرق جي ڪارروايون جاري رکندي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو,هن چيو ته چوري ٿيل سمورو سامان اصل مالڪ حوالي ڪيو ويو آھي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي ۽ امڪاني طور ٻين وارداتن بابت پڻ اھم انڪشافن جي اميد آھي,پوليس شھر اندر ھلندڙ جوا, آڪڙا پرچي سميت منشيات جي روڪٿام لاء منشيات فروشن خلاف مختلف ٿاڻن تي منشيات جا ڪيس داخل ڪيا وڃن پيا,جوارين خلاف پڻ ڪاروائيون جاري آھن.