English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جهرڪ ويجهو حادثي ۾ عورت معصوم ڌيءَ سميت فوت
146 views
|
17th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
حادثي ۾ 25ورهين جي شمو ڪولهي ۽ سندس معصوم ڌيءَ فوت
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراهه تي جھرڪ ويجهو جھمپير موڙ وٽ تيز رفتار وين ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، عورت ۽ سندس پنج مهينن جي معصوم نياڻي فوت، مڙس سخت زخمي. اطلاعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ٺٽو کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار وين جھمپير موڙ وٽ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي. ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 25 ورھين جي شمو زال ڪانجي ڪولهي، اصل رهواسي مٽياري ۽ هن وقت ٻيلو ويران جھرڪ جي رهواسي، ۽ سندس پنج مهينن جي معصوم نياڻي ريشما ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويون. حادثي ۾ فوتي عورت جو مڙس 28 ورھين جو ڪانجي ولد نارو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملندي ئي جھرڪ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر جھرڪ منتقل ڪيو. ڊاڪٽرن موجب زخمي کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. پوليس حادثي ۾ ملوث وين ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فوتين جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جهرڪ ويجهو حادثي ۾ عورت
ڪ ويجهو جھمپير موڙ وٽ تيز رفتار وين ۽ موٽر
0 تبصرے