English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ جونيئر سائنس ٽيچر جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج
115 views
|
16th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز (ڊ ر) جونيئر سائنس ٽيچر جا ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج, نوشھروفيروز ۾ جونيئر سائنس ٽيچر جي ڀرتين لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن پاران مقرري جا آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف ضلعي تعليم آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي ۽ حڪومت کان فوري طور تي مقرري جا آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔ ان موقعي تي موج علي جتوئي ۽ مهتاب خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن جونيئر سائنس ٽيچر جي ڀرتي لاءِ گهربل ٽيسٽ ڪاميابي سان پاس ڪئي آهي، جڏهن ته تعليم کاتي ۾ جونيئر سائنس ٽيچرن جون ڪيتريون ئي جايون خالي پيل آهن، پر ان جي باوجود ٽيسٽ پاس اميدوارن کي مقرري جا آرڊر جاري ناهن ڪيا پيا وڃن۔ هنن چيو ته ڊگهي انتظار سبب نوجوانن ۾ سخت مايوسي ۽ بيچيني پيدا ٿي رهي آهي، جڏهن ته سندن مستقبل پڻ داءَ تي لڳل آهي۔ ان موقعي تي ملڪ صفدر اعواڻ چيو ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن کي فوري طور نوڪريون فراهم ڪري سندن مستقبل بچايو وڃي۔ هن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتو ميرٽ تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي بنا دير مقرري جا آرڊر جاري ڪري۔ مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشھروفيروز ۾ جونيئر سائنس ٽيچر جي
0 تبصرے