ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي ضلعي انتظاميه محرم الحرام جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏ عوامي مسئلن جي حل لاءِ به سرگرم عمل آهي. ان سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ جلوسن جي رستن، امام بارگاهن جي آسپاس انتظامن ۽ صفائي سٿرائي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اوپن ڊور پاليسي تحت شهرين جون شڪايتون پڻ ٻڌيون ويون.ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت پنهنجي اوپن ڊور پاليسي جاري رکندي روزاني بنيادن تي شهرين سان ملاقاتون ڪري سندن مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي فوري حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته عوامي مسئلن جو بروقت ازالو ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح آهي۔ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم شيعه علماءِ ڪائونسل جي نمائندن سان گڏ ٺٽو شهر ۾ محرم الحرام جي جلوسن جي رستن جو تفصيلي دورو ڪيو. هن جلوسن جي رستن تي صفائي، پاڻي جي نيڪال، اسٽريٽ لائٽن، سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺندي لاڳاپيل کاتن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي شيعه علماءِ ڪائونسل جي نمائندن پاران پيش ڪيل تجويزن ۽ مسئلن کي نوٽ ڪندي انهن جي حل جي خاطري ڪرائي وئي.ساڳئي ريت اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي گجو شهر جو دورو ڪري محرم الحرام جي جلوسن جي رستن ۽ امام بارگاهن جي آسپاس صفائي سٿرائي جي انتظامن جو معائنو ڪيو. ضلعي انتظاميه جي آفيسرن جو چوڻ هو ته محرم الحرام دوران امن امان جي قيام، عزادارن جي سهولتن، صفائي سٿرائي، سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.
0 تبصرے