English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ پوليس پاران چوري ۽ ڦر ڪيس ۾ 3جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
198 views
|
11th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ڪارروائي دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان موبائل فون ۽ 6 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون: پوليس
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊي ايس پي اظهر علي سمون ۽ ايس ايچ او نور محمد نوحاڻي ايس ايس پي آفيس عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوري ۽ ڦر جي هڪ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي بابت آگاهي ڏني، هنن ٻڌايو ته پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٽن مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ ريڊمي موبائل فون ۽ مختلف ماڊلن جون 6 موٽرسائيڪلون برآمد ڪري ورتيون آهن، پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته فريادي محراب پٽ سليمان راڄڙ جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن خلاف ايف آءِ آر نمبر 65/2026 قلم 34 ۽ 392 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جاچ دوران پوليس سهراب پٽ گلڻ مري، محمد اسلم پٽ احمد مري ۽ صدام پٽ محمد بخش عرف اميد علي ڪپري کي گرفتار ڪيو، ڊي ايس پي اظهر علي سمون موجب گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي چوري ٿيل سامان برآمد ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ريڊمي موبائل فون سميت 6 موٽرسائيڪلون شامل آهن، برآمد ٿيل موٽرسائيڪلن ۾ سي ڊي 70، سپر اسٽار، سي ڊي 70 پي ايس ماڊل ۽ هونڊا 125 شامل آهن، پوليس پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب برآمد ٿيل موٽرسائيڪلن جي چيچس ۽ انجڻ نمبرن ۾ سي ڊي 70 (چيچس نمبر J-656044، انجڻ نمبر 29251311)، سپر اسٽار (چيچس نمبر CC950681، انجڻ نمبر C025613)، سي ڊي 70 (چيچس نمبر CB-750178، انجڻ نمبر 9990984)، سي ڊي 70 (چيچس نمبر JF-931689، انجڻ نمبر V-006385) شامل آهن، جڏهن ته سي ڊي 70 پي ايس ماڊل جا مڪمل تفصيل رڪارڊ جو حصو ڄاڻايا ويا آهن، اهڙي ريت هونڊا 125 جو چيچس نمبر ED-237530 ۽ انجڻ نمبر Z-550701 آهي، پريس ڪانفرنس دوران پوليس اختيارين چيو ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪَ پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته برآمد ٿيل موٽرسائيڪلون ٻين وارداتن ۾ به استعمال ٿيون آهن يا نه، هنن چيو ته جوابدارن خلاف وڌيڪَ قانوني ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته ڪيس جي ٻين پهلوئن بابت به جاچ جو عمل هلي رهيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ پوليس پاران چوري ۽ ڦر ڪي
0 تبصرے