نوشھرو فيروز(ڊر) حضرت آيت الله العظمٰي الشيخ محمد اليعقوبي جي دفتر جي طرفان محرم الحرام جي بابرڪت مهيني جي حوالي سان ضلعي نوشھرو فيروز جي علماءِ ڪرام، علماء جمعہ و جماعت جو اجتماع "حرم تجلي نور ڪربلا سمپوزيم" جي عنوان سان مدرسه امام مھدي علي پور ونگاڻي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي ضلعي جي علماءِ ڪرام ۽ خطيبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ حجتہ الاسلام و المسلمين علامه ڊاڪٽر خادم حسين الحسني، مولانا سيد شھاب الدين شاھ شهيدي، علامه رياض حسين نجفي، مولانا عطا حسين باقري، مولانا ارباب حسين چانڊيو، مولانا سيد شفقت علي شاھ بخاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ علماءِ ڪرام جي اهم ذميواري آهي ته معاشري جي فلاح ۽ اصلاح لاءِ ڪم ڪن ڇوته اسان جي سماج جي بگاڙ جو اهم سبب دين کان دوري آهي، ان ڪري محرم الحرام جي حوالي سان علماءِ ڪرام جي ذميوارين ۽ تبليغ جو موثر نظام ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي مقررين چيو ته ڪربلا جي نور جي تجلي محرم ۾ نظر اچي ٿي جنهن سان مومنين جي دلين کي منور ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. اڳواڻن چيو ته جنهن ڪربلا کي سمجهيو، تنهن نجات حاصل ڪئي. آخر ۾ محرم الحرام جي خير و عافيت لاء خاص دعا گهري وئي.
0 تبصرے