عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ۽ سڀ کان وڏي جماعت طور سامهون اچڻ تي پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قيادت کي مبارڪباد پيش ڪندي عمرڪوٽ ۾ جيالن جشن ملهايو، ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ برهان الدين ڪنڀر، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهنشام راٺوڙ، ڪانجي مل سميت پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ڪارڪنن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي عوامي اعتماد جو ثبوت آهي، هنن ڪاميابي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ۽ سمورن جيالن کي مبارڪباد پيش ڪئي، جشن دوران ڪارڪنن خوشي جو اظهار ڪندي پارٽي قيادت جي حق ۾ نعرا پڻ هنيا ۽ چيو ته پيپلز پارٽي عوامي خدمت جي سفر کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.
0 تبصرے