ملير: ڳوٺ فقير سهراب جوکيو ۾ پاڻي جو بحران، رهواسين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ملير: ڳوٺ فقير سهراب جوکيو ۾ پاڻي جو بحران، رهواسين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي ٺيڪيدار جي مبينا ناقص ڪارڪردگي سبب ڳوٺ فقير سهراب جوکيو جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ڳوٺاڻن موجب اٺ مهينا اڳ پاڻي جي فراهمي واري بورنگ جي لوهي پائپن مان ٻن پائپن ۾ سوراخ ٿيڻ سبب مرمت لاءِ آيل ٺيڪيدار متاثر پائپن کي تبديل ڪرڻ بدران سمورا لوهي پائپ ڪڍي انهن جي جاءِ تي پلاسٽڪ جا غير معياري رول پائپ لڳائي ڇڏيا ۽ پراڻا لوهي پائپ پاڻ سان گڏ کڻي ويو ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته لڳايل پلاسٽڪ پائپ بار بار خراب ٿيڻ سبب پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. صرف گذريل 30 ڏينهن دوران ٽي ڀيرا پائپ ليڪ ٿيڻ ڪري سپلائي معطل ٿي، جنهن جي مرمت رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪرائي. هن وقت به گذريل ستن ڏينهن کان پائپ ليڪ ٿيڻ سبب پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۾ عورتون ۽ نياڻيون ميلن جا پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي آڻڻ تي مجبور آهن. ڳوٺاڻن ڄام عبدالڪريم جوکيو، يوسف مرتضيٰ بلوچ، طارق بلوچ ۽ محمد رفيق جوکيو سميت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته بورنگ ۾ لڳايل پلاسٽڪ رول پائپ فوري طور هٽائي ٻيهر لوهي پائپ لڳايا وڃن ته جيئن ڳوٺ واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي سنگين مسئلي مان نجات ملي سگهي.