سنڌ کي فوري طور تي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي: اسامه جعفري

سخت گرمي جي موسم ۾ شهري اڳ ئي پاڻي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن

سنڌ کي فوري طور تي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي: اسامه جعفري

ڪراچي (رپورٽر) مسلم ليگ فنڪشنل ڪراچي ڊويزن جي اطلاعات سيڪريٽري اسامه جعفري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ کي سندس حصي مطابق پاڻي نه ملڻ سبب صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڪراچي جا شهري بنيادي ضرورت جي پاڻي جي هر هڪ بوند لاءِ ترسندا. هن چيو ته سخت گرمي جي موسم ۾ شهري اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ عوام کي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مهانگي اگهن تي پاڻي خريد ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو افسوسناڪ صورتحال آهي. اسامه جعفري چيو ته بدقسمتي سان عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ تي سنجيده ڌيان نه ڏنو پيو وڃي ۽ حڪمران طبقو عوامي رليف جي بدران ٻين ترجيحن ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي ڪري عام شهري مسلسل مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي منصفانه ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ جي حصي مطابق فوري طور تي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن زرعي شعبي ۽ شهري زندگي ٻنهي کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.