ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)گهوڙاٻاڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج، ٺٽو ـ ميرپور ساڪرو روڊ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل تفصيل موجب تعلقي گهوڙاٻاڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ڳوٺ مولوي اشرف چانڊيو جي رهواسين ۽ آبادگارن روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو. مظاهرين ميرپور ساڪرو کان ٺٽو غلام الله شهر ويندڙ اهم شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته نصير واھ ۽ کانٽي واھ شاخ ۾ گذريل ٻن هفتن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، جنهن سبب بيٺل فصل سُڪي رهيا آهن، زرعي زمينون بنجر ٿيڻ جو خدشو وڌي رھيو آهي۽ آبادگارن کي لکين رپين جي نقصان جو انديشو آهي. هنن الزام هنيو ته آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن پاران پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني نه بڻايو ويو آهي، جڏهن ته مٿين علائقن ۾ پاڻي جي غيرقانوني کڻت ۽ پاڻي چوري پڻ هيٺين آبادگارن لاءِ مسئلا وڌائي ڇڏيا آهن. هوڏانهن سنڌ ۾ بئراجن تي پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب ٺٽي ضلعي جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ به پاڻي جي شديد قلت برقرار آهي، جنهن جا ناڪاري اثر زراعت تي پئجي رهيا آهن. زرعي ماهرن موجب وقت سر پاڻي نه پهچڻ جي صورت ۾ فصلن جي پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ٻئي طرف احتجاج ڪندڙن سان آبپاشي کاتي جي آفيسرن ڳالهيون ڪيون ۽ پاڻي جي کوٽ جلد ختم ڪرڻ سان گڏ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بحال ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد مظاهرين پرامن طور منتشر ٿي ويا ۽ روڊ تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي.
0 تبصرے