ملير مينارٽي اتحاد جي ڪوششن سان ڪکائون اسڪول قائم

عمر ڪڇي ڳوٺ ڄام ڪنڊو ۾ اسڪول لاءِ ڪکائين جهوپڙي قائم

ملير مينارٽي اتحاد جي ڪوششن سان ڪکائون اسڪول قائم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي عمر ڪڇي ڳوٺ ڄام ڪنڊو ۾ هندو برادري سان واسطو رکندڙ رهواسين لاءِ تعليم جي بنيادي سهولت نه هئڻ سبب ڪيترائي معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم هئا ان حوالي سان ملير مينارٽي اتحاد جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت نئون ڪکائون اسڪول قائم ڪيو ويو آهي اسڪول جي لاءِ ضروري سامان پاڪستان پيپلزپارٽي مينارٽي ونگ سنڌ جي نائب صدر ۽ ٽي ايم سي ابراهيم حيدري ٽائون جي ميمبر مکي اوڌا مل طرفان فراهم ڪيو ويو ان موقعي تي ملير مينارٽي اتحاد جي آرگنائيزر صدر مڪيش ڪمار مهشوري ۽ جنرل سيڪريٽري سنتوش ڪمار ڀيل ڳوٺ جي ٻارڙن لاءِ اسڪول جا ڪتاب، پين، بيگز ۽ بليڪ بورڊ پڻ فراهم ڪيا ڳوٺاڻن اسڪول جي قيام تي خوشي جو اظهار ڪندي اڳواڻن ۽ تنظيمن جا ٿورا مڃيا ۽ کين دعائون ڏنيون، جڏهن ته علائقي ۾ تعليمي سرگرمين جي شروعات کي سٺو قدم قرار ڏنو ويو آهي۔