ملير: ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين نذير ڀٽو جي والد جي جنازي نماز بعد تدفين

حاجي الهبخش ڀٽو جي جنازي نماز ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ ۽ ٻين جي شرڪت

ملير: ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين نذير ڀٽو جي والد جي جنازي نماز بعد تدفين

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو جي والد ۽ معزز سماجي شخصيت حاجي الهبخش ڀٽو جي جنازي نماز شاهه لطيف ٽائون ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، صوبائي وزير سليم بلوچ، ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، امان الله مسعود، عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سجاد علي شاھ سميت اڳواڻن، چونڊيل نمائندن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، معززين ۽ علائقي واسين سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جنازي نماز دوران مرحوم جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ پسماندگان لاءِ صبر جميل جي دعا گهري وئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن نذير احمد ڀٽو ۽ سندن خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته حاجي الهبخش ڀٽو هڪ نيڪ، ملنسار ۽ عوام دوست شخصيت جا مالڪ هئا، جن پنهنجي سڄي زندگي سماجي ڀلائي ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي جنازي ۾ شرڪت ڪندڙ سياسي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سندن وڇوڙو نه رڳو ڀٽو خاندان پر سڄي علائقي لاءِ وڏو نقصان آهي. مرحوم جي نيڪ اخلاق، بردباري ۽ انسان دوستي کي هميشه ياد رکيو ويندو جنازي نماز کانپوءِ تعزيت ڪندڙن جو وڏو انگ نذير احمد ڀٽو سان تعزيت لاءِ پهتو، جتي مرحوم لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. علائقي جي مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪري مرحوم جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪيو مرحوم حاجي الهبخش ڀٽو جي لاڏاڻي تي علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل رهي، جڏهن ته مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن پاران تعزيتي پيغام جاري ڪري سندن خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو