ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي علائقي ۾ ڦر جي مزاحمت دوران هڪ نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.تفصيل موجب 19 ورهين جو نوجوان دادالله پٽ عبدالقدوس، جيڪو علائقي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، علامه اقبال اسڪول جي ويجهو مبينا طور تي ڦورن جي مزاحمت دوران فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ کيس ساڄي پير ۾ گوڏي کان مٿي گولي لڳي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو واقعي کان پوءِ ريسڪيو عملي فوري طور تي زخمي نوجوان کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي ۽ وڌيڪ علاج لاءِ جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو، جتي کيس علاج جاري آهي. پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ جاري آهي. ابتدائي طور تي واقعي کي ڦر جي مزاحمت جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي، پر مڪمل حقيقتون جاچ مڪمل ٿيڻ بعد سامهون اينديون. علائقي جي رهواسين واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
0 تبصرے