ايس ٽي ايل ايف جي سي اي او ڪنيا موهن لال صوبائي وزير کي اداري جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سيـو دي لائيوز فائونڊيشن (STLF) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪنيا موهن لال سنڌ حڪومت جي عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينه بلوچ سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ ۾ عورتن جي بااختياري، تعليم، معذور ماڻهن جي شموليت ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ بابت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران فائونڊيشن جي سي اي او وزير کي اداري پاران سنڌ جي مختلف علائقن، خاص طور عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ جاري انساني ڀلائي، تعليمي سهائتا، عورتن جي ترقي ۽ سماجي بهتري جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي عورتن ۽ ٻين ڪمزور طبقن کي درپيش سماجي ۽ معاشي چئلينجن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته عورتن جي معاشي خودمختياري، معياري تعليم تائين رسائي، فني مهارتن جي واڌاري ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت تجويزون سامهون آنديون ويون، صوبائي وزير شاهينه بلوچ سيـو دي لائيوز فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته عورتن جي حقن، صنفي برابري، سماجي شموليت ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ حڪومت اهڙين مثبت ۽ عوام دوست ڪوششن جي مڪمل حمايت جاري رکندي، ملاقات ۾ صوبائي وزير جي پرسنل سيڪريٽري اڪبر جوکيو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد احمد ۽ سيـو دي لائيوز فائونڊيشن جي مئنيجر عيدل جماڻي پڻ موجود هئا، ملاقات جي پڄاڻي تي حڪومتي ادارن ۽ سول سوسائٽي تنظيمن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو ته جيئن عورتن لاءِ پائيدار موقعا پيدا ڪري سگهجن ۽ عمرڪوٽ، ٿرپارڪر سميت سنڌ جي پسمانده ۽ محروم برادرين جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي.
0 تبصرے