English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ اي ڊي سي ون شاهد نظير لنڊ جي صدارت هيٺ اجلاس
130 views
|
01st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، اسسٽنٽ مختيارڪارن به شرڪت ڪئي
سجاول (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهد حسين رند جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شاهد نظير لنڊ جي صدارت هيٺ ڊي سي ڪمپليڪس سجاول جي درٻار هال ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، اسسٽنٽ مختيارڪارن، سپروائزنگ تپيدارن، تپيدارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ رڪارڊ آف رائٽس جي ازسرِنو لکت واري عمل بابت ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شاهد نظير لنڊ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته رڪارڊ جي درستگي، شفافيت ۽ وقت سر تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن سرڪاري زمينن ۽ ملڪيتن جو مڪمل ۽ مستند رڪارڊ محفوظ بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ مختلف مرحلن تي جاري ڪم، پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.لاڳاپيل آفيسرن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون کي جاري اڳڀرائي بابت آگاهه ڪندي خاطري ڪرائي ته مقرر ڪيل هدفن جي حاصلات لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون زور ڀريو ته رڪارڊ جي ازسرِنو لکت وارو عمل مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي، جيئن روينيو کاتي جي رڪارڊ کي وڌيڪ مؤثر، منظم ۽ قابلِ اعتماد بڻائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ۾ اي ڊي سي ون شاهد نظير لنڊ
0 تبصرے