English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي تقريب ۾ شرڪت
191 views
|
25th May 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي
سجاول (رپورٽر)سامونڊي ضلعي سجاول ۾ قدرتي آفتن ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم طور جديد بوٽ ايمبولينس (ريسڪيو لانچ) ضلعي انتظاميا حوالي ڪئي وئي۔ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد اياز علي شاھ شيرازي جي ڪوششن سان فراهم ڪيل هن سهولت جو مقصد ٻوڏ، سامونڊي طوفانن ۽ تيز برساتن دوران بروقت امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ موثر بڻائڻ آهي۔ ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس سجاول ۾ ٿيل تقريب ۾ ريسڪيو 1122 جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برگيڊيئر طارق قادر لاکير، ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند، ڊائريڪٽر ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي مختيار مهر، جامعہ سنڌ ٺٽو ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر ميڊم مصباح بي بي قريشي، ڊائريڪٽر آپريشن لطف مڱريو، ريجنل مينيجر وزير زئور، پيپلز ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جو سينيئر مينيجر ياسر رضا ميمڻ، ڊسٽرڪٽ مينيجر انور عالماڻي، ميڊيا آفيسر راشد لاکير ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران ضلعي ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود انتظامن ۽ سامونڊي علائقن کي درپيش خطرن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد اياز علي شاھ شيرازي چيو تہ سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن دوران بروقت امدادي ڪارروايون انتهائي ضروري آهن، جنهن لاءِ جديد ريسڪيو سهولتن جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت هئي۔ هن چيو ته سجاول جهڙي حساس سامونڊي ضلعي ۾ ريسڪيو وسيلن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم پڻ کنيا ويندا۔ هن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو، جڏهن ته مستقبل ۾ به سامونڊي علائقن لاءِ وڌيڪ ترقياتي ۽ حفاظتي منصوبا متعارف ڪرايا ويندا۔ بعد ۾ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي ۽ برگيڊيئر طارق باضابطه طور بوٽ ايمبولينس (ريسڪيو لانچ) ضلعي انتظاميا حوالي ڪئي۔ اختيارين موجب نئين سهولت سان امدادي ڪاررواين جي رفتار ۽ صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ متاثر علائقن تائين فوري رليف پهچائڻ ممڪن بڻجي سگهندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي
0 تبصرے