English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير، موٽروي ايم-نائن تي ڊمپر پوليس موبائل مٿان چڙهي ويو،2 پوليس اهلڪار شهيد
242 views
|
18th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊرائيور گرفتار، حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي موٽروي ايم-نائن تي ڪاٺوڙ ويجهو پيش آيل خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا۔ حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن نوري آباد کان ڪراچي طرف ايندڙ 22 ويلر ڊمپر تيز رفتاري سبب روڊ جي ڪناري بيٺل سرڪاري پوليس موبائل مٿان چڙهي ويو۔حادثي ۾ سب انسپيڪٽر صاحب خان ۽ ڊي پي سي واجد موقع تي ئي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پوليس اهلڪار پرورش محفوظ رهيو۔ اطلاع ملڻ شرط موٽروي پوليس جا سينيئر آفيسر ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون۔ترجمان موٽروي پوليس موجب صبح تقريباً 5:40 وڳي پوليس موبائل نمبر SPC-536 مين سپر هاءِ وي حيدرآباد کان ڪراچي روڊ چڪوال پمپ ڀرسان ڊيوٽي تي موجود هئي، جتي عملي ۾ سب انسپيڪٽر صاحب خان، اهلڪار پرورش ۽ ڊي پي سي واجد شامل هئا۔ ڊيوٽي دوران ئي ٽرڪ نمبر TMJ-944 پوليس موبائل کي ٽڪر هڻي مٿان چڙهي ويو۔ريسڪيو آپريشن دوران هڪ اهلڪار جو لاش فوري طور ڪڍيو ويو، جڏهن ته ٻئي اهلڪار کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري رهيو۔ بعد ۾ ٻنهي شهيد اهلڪارن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا۔پوليس موجب ڊمپر ڊرائيور شهاب الدين ولد ياسين خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ابتدائي بيان ۾ ٻڌايو ته ڊرائيونگ دوران کيس ننڊ اچي وئي هئي، جنهن سبب حادثو پيش آيو۔واقعي بعد ايس ايس پي ملير به موقعي تي پهچي ويو، جڏهن ته ڊمپر کي هٽائڻ لاءِ لفٽر طلب ڪيو ويو آهي۔ پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
15th Sep 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے عالمی پاکستانی انجینئرنگ کمیونٹی کو جوڑنے کے لیے برین گین پورٹل کا آغاز کردیا
15th Sep 2026
•
سندھ
کمشنر کراچی کے احکامات کی روشنی میں ڈپٹی کمشنر ایسٹ کی خاص ہدایت پر گلستان جوہر میں تجاوازات کے خلاف گرینڈ آپریشن
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
v
0 تبصرے