ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ نويد زبيري پاران افطار تقريب منعقد، نثار کھڙو، وقار مھدي ۽ ٻيا شريڪ

نويد زبيري پاران پنهنجي رهائشگاهه تي منعقد افطار تقريب ۾ نجمي عالم، نعمان شيخ، مسرور احسن، رخسانه زبيري به شريڪ

ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ نويد زبيري پاران افطار تقريب منعقد، نثار کھڙو، وقار مھدي ۽ ٻيا شريڪ

ڪراچي (پ ر) سينئر پي پي پي اڳواڻ پي ايس ايف ڪراچي جي اڳوڻي صدر نويد زبيري هر سال وانگر پنهنجي روايت کي برقرار رکندي پنهنجي رهائشگاهه تي شاندار دعوت افطار جو انتظام ڪيو جنهن ۾ شهر جي اهم سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.پي پي پي سنڌ جو صدر نثار کھڙو، جنرل سيڪريٽري سنڌ سينيٽر وقار مهدي، نعمان شيخ (رابطھ سيڪريٽري)، پي پي پي جو سينئر اڳواڻ ۽ سينيٽر مسرور احسن، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار نجمي عالم، اڳوڻي سينيٽر رخسانه زبيري، پاڪستان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ليڊر ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي شبير قريشي، شهر جا مشهور بلڊر لطيف سوريٺيا ۽ ذڪريا ڪريم خاص طور تي موجود هئا.ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي اوڀر ۽ اولهه جي صدرن اقبال ساند ۽ عابد سٽي، بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صابر ميمڻ، چنيسر ٽائون چيئرمين فرحان غني، پ پ جي سينيئر اڳواڻن خليل هوت، جميل عرب، ذوالفقار قائمخاني، رحمت الله ڊومڪي، غلام شهباز بٽ، حميد قريشي، شاھد قادري، اصغر گڊوبھاري، خليل قريشي ايڊووڪيٽ، محمود جوڻيجو، عمران ڪيفي، جنيد فصيح، لطيف آرائين، عرفان جعفري، ايوب عتيق، آصف راھي، پرويز عالم ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. تقريب ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن، آفيسرن ۽ سماج جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن خطي جي بدلجندڙ صورتحال، خاص طور تي ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي ممڪنه حملن سميت ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ملاقات جو موقعو فراهم ڪرڻ تي شخصيتن جو شڪريو ادا ڪيو. تقريب جي آخر ۾ نويد زبيري جي وڏي ڀاءُ اسد زبيري سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو.