شڪارپور ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون تيز

شڪارپور ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون تيز

شڪارپور (احسان ابڙو )ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ،ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ، اي ايس پي سٽي آصف کوکر ، آر ٽي وسيم ميمڻ جن جي خاص ھدايتن تي ٽريفڪ سارجنٽ منظور احمد کوکر ، وڏو منشي نعمان ڪاڪيپوٽو پاران عملو ساڻ ڪري شڪارپور جي مختلف چوراھن ،روٽن تي گاڏين کي بليڪ شيشن ،فينسي نمبر پليٽ سميت وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ وينن ، شھر ۾ ٽريفڪ جو نظام جام ڪندڙ چنگچي رڪشائن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ گاڏين تي ڏنڊ لڳايو ويو ۽ پسينجرن کي واڌارو ورتل ڪرايو واپس ڪرائي ڏياريو ويو شھر جي روڊن رستن تي رانگ سائيڊ تي ھلي ٽريفڪ جام ڪندڙ چنگچي رڪشائن تي به ڏنڊ وڌو ويو