شاهپورجهانيان جي شهرين جو مٺي پاڻي پيئڻ وارو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو

سيف ٻگهيو ، شاهپورجهانيان

شاهپورجهانيان جي شهرين جو مٺي پاڻي پيئڻ وارو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو

سنڌ جي مهانگي ترين قومي شاهراهہ ، شهيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب ٿيل ضلعي شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) جي قديمي، تاريخي ۽ سنڌ جي صوفي شاعر سيد مهدي شاھه جهانيان جي شهر شاهپورجهانيان جا رهواسي هن جديد دور ۾ به مٺو پاڻي پيئڻ جي سهولت کان محروم آهن، اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي حڪومتي دور ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل طور تباهه ٿيل آهي، انتظاميا جي بي ڌياني سبب واٽر سپلاءِ اسڪيم جا موٽر ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو آهي، جڏهن تہ مختلف وقتن تي اسڪيم جي مرمت ۽ بهتري لاءِ فنڊ پڻ هڙپ ٿيندا رهيا آهن، شهر جي جر جو پاڻي ڪڙو ۽ کارو هجڻ باوجود شهري اهو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته شهرين جي ڪافي دانهن ڪوڪن باوجود چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميه تي ڪو به اثر نه پيو آهي، جنهن ڪري شهرين ۾ سخت بيچيني جي لهر ڇانيل آهي، سروي موجب لکين رپين جي لاڳت سان خريد ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ بجلي جا ٿنڀا، تارون ۽ ٽرانسفارمر ۽ ٻيو سامان واپڊا وارا لاهي کڻي ويا آهن، جنهن لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته واپڊا وارن ڳري رشوت وٺي اهي ٿنڀا، تارون ۽ ٽرانسفارمر ڪنهن بااثر ماڻهو حوالي ڪيا آهن، شهر جو پاڻي زهريلو ۽ نمڪين هجڻ ڪري شهرين ۾ انيڪ بيماريون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ڪينسر، ڪاري سائي، السر، وڏي کنگھه، پيٽ جو بيماريون ۽ چمڙي جي موضي مرضن ۾ شهري وٺجي ويا آهن، ڪيترائي ماڻهو غربت سبب پنهنجو علاج نٿا ڪرائي سگهن، انتظاميه جي نااهلي سبب شهرين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، ڪجھه وقت پهريان زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان هڪ ٽيم آئي هئي ۽ شهر جو پاڻي چڪاس ڪرڻ بعد جر جي پاڻيءَ ۾ زهريلو سينکيو موجود هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو ۽ شهرين کي جر جو پاڻي پيئڻ کان سخت منع ڪئي هئي ۽ انهن چيو ته شهري جر جو پاڻي استعمال نه ڪن ڇاڪاڻ ته جر جي پاڻي ۾ زهريلا مادا ملي ويا آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، انهي لاءِ شهري جر جو پاڻي استعمال نه ڪن، سروي دوران شاهپورجهانيان جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر نور محمد پرهياڙ چيو ته اسان وٽ هر روز کوڙ سارا مريض اچن ٿا، جن کي پيٽ ۽ چمڙي جون بيماريون هونديون آهن ۽ اهي بيماريون جر جو پاڻي واپرائڻ سبب ٿينديون آهن، انهيءَ لاءِ شهري احتياط ڪن، جر جو پاڻي بنھ استعمال نه ڪن، شهر جو پاڻي زهريلو هجڻ ڪري شهري ٻه ٻه ڪلوميٽر پري وڃي هر روز مٺو پاڻي گڏُھه گاڏن، سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن تي ڀرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته شهر جا سرندي وارا هر روز ڏيڍ سو کان ٻه سو تائين في ڊرم مٺو پاڻي پيئسن تي خريد ڪن ٿا، جڏهن ته ڪافي ماڻهو جر جو ئي پاڻي استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري ڪيترين ئي مختلف بيماريون پکڙجڻ ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو آهي، واٽر سپلاءِ جي تباهي جي حوالي سان ويچار ونڊيندي شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن استاد عبدالفتاح ٻگهيو، محمد ياسين آرائين، امام الدين لانگاهه، عامر خان ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته شاهپورجهانيان ۾ ٽائون انتظاميا نالي ڪا به شي ناهي، واٽر سپلاءِ اسڪيم کي هٿ وٺي تباھه ڪيو ويو آهي، شهرين ڏانهن ڪنهن جي دلچسپي ناهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ گم آهن، شهر جي سڃاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد شهر ۾ واٽر سپلائي اسڪيم کي بحال ڪري شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي..