English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عالمي صورتحال ۽ پاڪستان جا مسئلا
243 views
|
16th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نديم علي خواجه
ايران ۾ سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ شھادت کانپوء سندس فرزند آيت الله مجتبا خامنائي کي ايران جو نئون سپريم ليڊر ۽ رھبر اعلا منتخب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، سپريم ليڊر چونڊي وڃڻ کانپوء آيت الله مجتبا خامنائي کي ھاڻي اھو مڪمل اختيار حاصل ٿي ويو آھي ته ھو ايران جي مستقبل بابت فيصلو ڪري، جنھن ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ پڻ شامل آھي، جڏھن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ بيان ۾ اھو واضع ڪيو آھي ته ايران ۾ سپريم ليڊر جي چونڊ ۾ مونکي شامل نه ڪيو ويو آھي، تنھنڪري اھا مقرري مونکي قبول نه آھي، ڇوته نئون چونڊيل سپريم ليڊر سابق سپريم ليڊر جون پاليسيون جاري رکندو، تنھنڪري اھڙي سپريم ليڊر کي قبول نٿو ڪري سگھجي، آمريڪي صدر شروع کان ئي شھيد آيت الله خامنائي جي مخالف رھيو، ڇوته شھيد آيت الله علي حسيني خامنائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين سان اختلاف رکندو رھيو، ۽ انھي کي مسلمانن ۽ ايران خلاف سازش ڪوٺيندو رھيو، ۽ اسرائيل جي ھر معاذ تي مخالف ڪندو رھيو، فلسطيني عوام تي اسرائيل پاران ٿيندڙ ظلمن خلاف پڻ ايران واحد ملڪ ھو، جنھن احتجاج ڪيو، ۽ اسرائيل کي چتاء پڻ ڏنو ته ھو اھڙي حرڪتن کان باز اچي، جيڪا ڳالھ اسرائيل کي پسند نه آئي، ۽ ھن پنھنجي آقا آمريڪا کي ھڪ سازش تحت انھي ڳالھ تي آماده ڪيو ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل لاء خطرو پيدا ڪري رھيو آھي، جوھري ھٿيارن سبب ايران مستقبل ۾ يورپ ۽ ٻين غير مسلم ملڪن لاء خطرا پيدا ڪري سگھي ٿو، بھتر اھو آھي ته ايران کي روڪيو وڃي، ۽ سندس جوھري ھٿيارن کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي، آمريڪا پڻ اسرائيل جي چوڻ تي اچي ويو، ھڪ طرف آمريڪا ايران کي ڳالهين جي آڇ ڪري رھيو ھو ته ٻئي طرف اچانڪ ايران تي بارودن جي بارش وسائڻ شروع ڪري ڇڏي، جنھن سبب معصوم اسڪولي شاگردن سميت ڪيترائي ايراني شھري شھيد ٿي ويا، جڏھن ته ايران ۾ موجود ڪجھ غدارن جي مخبري سبب ايران جي سپريم ليڊر ۽ رھبر اعلا سيد علي حسيني خامنائي کي سندس گھر ڀاتين سميت ھڪ حملي ۾ شھيد ڪيو ويو، انھي حملي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار پڻ شامل ھئا، جڏھن ته بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيم يونيسيف پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آھي ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ٿيل حملن سبب ايران ۾ اسڪولي شاگردن سميت 200 کان وڌيڪ ماڻھو شھيد ٿي چڪا آھن، جڏھن ته انھي ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي، آمريڪي حڪومتي ترجمان جو چوڻ ھو ته ايراني اسڪول تي ٿيندڙ حملو ايران جي حڪومت ھڪ سازش تحت ڪرايو آھي، ته جيئن اسرائيل ۽ آمريڪا کي بدنام ڪري سگھجي، دنيا جي مختلف ملڪن، خاص ڪري آمريڪا جي اتحادي ملڪن پڻ ھڪ اسڪول تي حملو ۽ معصوم شاگردن کي شھيد ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، پر جڏھن بين الاقوامي ادارن ۽ خود آمريڪي ايجنسين تحقيقات ڪئي ته اھو واضع ٿي ويو ته اسڪول تي حملو آمريڪا ڪيو آھي، جڏھن ته ايران ۾ بيگناھ شاگردن ۽ شھرين جي شھادت تي روس ۽ چين پڻ سخت ردعمل جو اظھار ڪندي انھي کي ھڪ شرمناڪ عمل ڪوٺيو آھي، جڏھن ته ايران جا اتحادي ھجڻ باوجود انھن ملڪن ايران جي حمايت ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف جنگ ڪرڻ کان لاچاري ظاھر ڪري ڇڏي آھي، ايران واضح ڪيو آھي ته نئون سپريم ليڊر آيت الله مجتبا خامنائي پنھنجي والد شھيد آيت الله خامنائي جي پاليسين کي جاري رکندو، ۽ بين الاقوامي سفارتڪاري کي پڻ مضبوط ڪندو، ايراني عوام ھن سان گڏ آھي، ۽ ڪوبه اختلاف نه آھي، ايران ۾ شھيد ٿيندڙ معصوم ٻار پنھنجي والدين جو سرمايو ھئا، سندن سھارو ھئا، ھڪ خاندان جو خواب، ماء پي جي اميد ۽ معاشري جي مستقبل جو حصو ھئا، ڏٺو وڃي ته اقوام متحده پڻ امريڪا ۽ اسرائيل آڏو ڪمزور نظر اچي رھي آھي، اھو ادارو صرف نالي وارو ثابت ٿيو آھي، انھي اداري کي ڪوبه پاور نه آھي، ھن اداري ۾ ايتري به طاقت نه آھي جو ھو ايران جي اسڪولن ۾ ٿيندڙ بمباري ۽ بيگناھ شھيد ٿيندڙ اسڪولي شاگردن جي مذمت ڪري سگھي، انھي اداري کي عالمي امن جو محافظ سمجھيو ويندو آھي، انھي جنگ سبب ايران ته متاثر ٿيو آھي، پر پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي پڻ نقصان ٿيو آھي، جنھن جو خاص سبب تيل جي ترسيل آھي، انھي کان علاوه اسٽاڪ مارڪيٽون پڻ متاثر ٿي رھيون آھن، واپارين جا اربين روپيه اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻڏي رھيا آھن، عالمي مارڪيٽن ۾ پيٽرول مصنوعات جي بحران ۽ قيمتن ۾ اضافي سبب پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن ۾ مھنگائي جو نئون طوفان پيدا ٿي رھيو آھي، پاڪستان ۾ مھنگائي ۾ اوچتو مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي، وفاقي حڪومت انھي توانائي جي بحران تي ضابطو رکڻ لاء ڪيترائي اھم فيصلا پڻ ڪيا آھن، پر انھن فيصلن سان مھنگائي تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگھجي، پاڪستان جو غريب طبقو شروع کان ئي ھڪ ويلو کاڌي لاء پريشان آھي، اھڙي حالت ۾ معاشي بحران ۽ وڌندڙ مھنگائي سندس مصيبت ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، ھڪ طرف پھرين ئي ملڪ ۾ معاشي بدحالي عروج تي آھي، مھنگائي سبب خودڪشين ۽ چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، اھڙي حالت ۾ وفاقي حڪومت ھڪ اھڙي پاليسي مرتب ڪري جنھن سان نه صرف ملڪ مان معاشي بحران جو خاتمو ٿئي، پر غريب طبقي کي پڻ رليف ملي سگھي، جيڪڏھن وفاقي حڪومت ائين نه ڪيو ته يقينن پاڪستان جا غريب ماڻھون جنگ بغير ئي مھنگائي سبب مارجي ويندا، ۽ پاڪستان ۾ ھڪ نئون انساني بحران جنم وٺندو، جنھنکي روڪڻ مشڪل ٿي ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تلھار ضلع بدين
نديم علي خواجه
world situation
0 تبصرے