حسيني مرڪزي امام بارگاه مان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف چوڪن چوراھن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي
مورو (جاني جماڻي) اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ايران مٿان جنگ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شھادت کان پوء آمريڪا اسرائيل جي جارحيت خلاف شيعا مومنين پاران پوري سنڌ جيان مورو م ب ايران سان اظھار يڪجهتي لاء مورو حسيني مرڪزي امام بارگاه مان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آھي جيڪا شھر جي مختلف چوڪن چوراھن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پھتي جتي سوين مومنين پاران اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ريلي جي اڳواڻي علامه دوست محمد ؛ علامہ تصوير حيدر ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ ؛ ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا انھي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آھي ته ايران واحد ملڪ آھي جيڪو يھودي ملڪن جي جارحيت ظلم خلاف اڪيلي سر ويڙھ ڪري رھيو آھي فلسطين جي مسلمانن مٿان ٿيل ظلم خلاف کتي ۾ واحد ملڪ ايران آھي جنھن فلسطينين جي ظلم خلاف آمريڪا ء اسرائيل خلاف جنگ ڪئي جڏھن ته ٻيا مسلمان ملڪ آمريڪا ۽ اسرائيل اڳيان گوڏا کوڙي چڪا آھن ھنن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا وقت جا يزيد آھين جڏھن ت امام حسين عليه السلام جي نقشي تي ھلندڙ ايران وقت جي يزيد سان اڪيلي سر مھاڏو اٽڪايو آھي ھنن چيو ته پاڪستان کي گھرجي ته ھن جنگ م ايران جو ساٿ ڏئي ۽ قومي سلامتي سميت دين اسلام خاطر ايران جي مدد ڪري ھنن چيو ته اگر ھن وقت ب پاڪستان اکيون ن کوليون ته پوء اڳيون نمبر پاڪستان جو ھوندو اسرائيل ء آمريڪا جو اصل حدف پاڪستان آھي جڏھن ته ريلي جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت مورو پوليس پاران سخت ڪيا ويا ھئا ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگھي.
0 تبصرے