تقريب سماجي اڳواڻ اقبال حسين چنا پاران امام بارگاھ حضرت ابو الفضل العباس علمدار عه منعقد ڪئي وئي
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)21 رمضان المبارڪ جي موقعي تي اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي موقعي تي مجلس نگر نياز افطار . تقريب سماجي اڳواڻ اقبال حسين چنا پاران انڪم ٽيڪس ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ قائم امام بارگاھ حضرت ابو الفضل العباس علمدار عه منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ صحافتي حلقن جي شخصيتن سميت مومنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اجتماع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، پي پي پي ضلعي اوڀر جي اڳواڻ اقبال ساند، تاج وساڻ سميت عالمن، دانشورن، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. عالمن حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي ڏکوئيندڙ واقعي ۽ اهل بيت عليهم السلام جي عظيم قربانين تي روشني وڌي، جڏهن ته ڪربلا جي ياد ۽ اهل بيت عليهم السلام جي مصائب ٻڌڻ سان مجلس ۾ ويٺل مومنين ڪي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. مجلس جي آخر ۾، اجتماعي دعا گهرڻ کان پوءِ بھترين افطار لاءِ نگر نياز جو بندوبست ڪيو ويو. تقريب دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ موثر سيڪيورٽي انتظام پڻ ڪيا ويا. ان موقعي تي احمد علي راهوجو، لعل محمد چانڊيو، سيد حزب الله شاهه، فقير ارشاد سومرو، محمد آصف سومرو، اياز سومرو، شمشاد باغيو، رياض رند، اعجاز وساڻ، ماجد علي، ڪرم علي چنا، شوکت علي چنا، ايڊووڪيٽ ڪوثر شر، آفتاب شر، سيد پناهه شاهه ۽ قاري محمد علي سميت ٻيا موجود هئا. جڏهن ته سينئر صحافي بشير سنجراني، فاروق ڀنگوار، باغي ساگر، فياض چانڊيو، دلدار سيلرو، غوث ٻگھيو، زوار عبدالجبار چانڊيو ۽ منصور چانڊيو سميت مقامي رهواسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اجلاس جي آخر ۾ مسلم امت جي اتحاد ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا گهري وئي.
0 تبصرے