ڏوڪري تعلقي بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري

رٽائرڊ جج ذوالفقار علي ڪمبوه ڏوڪري ڪورٽ پهچي صدر لالا عبدالرشید پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ قاضي ديدار جوڻيجو ۽ ٻين کي مبارڪون ڏنيون

ڏوڪري تعلقي بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) تعلقي بار ايسوسيئيشن ڏوڪري جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري، وڪيل برادري سان هر ڏک سک ۾ گڏ ٿيڻ جو عزم ورجايو. تفصيل موجب گذريل ڏينهن تعلقي بار ايسوسيئيشن ڏوڪري جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري رهيو، ان سلسلي ۾ رٽائرڊ جج ذوالفقار علي ڪمبوه پاران ڏوڪري ڪورٽ پهچي صدر لالا عبدالرشید پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ قاضي ديدار جوڻيجو، بدرالدين جتوئي،ايڊووڪيٽ ريشمان سيال، ايڊووڪيٽ غلام حيدر ڦلپوٽو، اياز حسين ڪسر، ايڊووڪيٽ منير احمد سومرو سميت ٻين نون چونڊيل وڪيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسين ڏوڪري تعلقي جي وڪيلن جا نهايت شڪر گذار آهيون جن اسان کي مان ڏيندي تعلقي بار ايسوسيئيشن جي عهدن تي ڪامياب ڪرايو آهي، اسان به ان عزم جو ورجاء ٿا ڪريون ته اسان به وڪيل برادري جي هر موڙ تي گڏ هونداسين، اسين رٽائرڊ جج ذوالفقار علي ڪمبوه سميت ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جا بيحد شڪر گذار آهيون جن اسان کي چونڊجي اچڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ سراج احمد سومرو، ايڊووڪيٽ امداد جويو، ايڊووڪيٽ آصف سنديلو سميت ٻيا موجود هئا.