ڏوڪري(رپورٽ: اطهر ميمڻ) سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي هنگري يورپ جو پرڏيهي وفد قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو.جڏھن ته هنگري يورپ جي پرڏيهي وفد اسٽوپا،ڊي ڪي ايريا،گريٽ باٿ ۽ ميوزيم سميت ٻيا قديمي آثار گهمي ڏٺا.پرڏيهي سياحن جي وفد کي موهن جي دڙي تي سنڌ ٽوئرزم جو مقرر گائيڊ ارشاد علي سولنگي موهن جو دڙو جي تاريخ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.پرڏيهي سياحن جو آيل ھنگري يورپ جي وفد ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي خواهش هئي ته اسان موهن جو دڙو هڪ دفعو ضرور پنهنجي زندگي ۾ ڏسنداسين،هنن چيو ته اسان جي اها خواهش سڀني آيل وفد ۾ شامل دوستن جي پوري ٿي آھي، هنن چيو ته موهن جو دڙو ڏسي ڪري تمام اسان کي گهڻو مزو آيو آھي،هنن چيو ته سنڌ جا ماڻھو تمام مهمان نواز آھن سندن اسان شڪريو ادا ڪيون ٿا.موهن جي دڙي جي ڪيوريٽر احسان عباسي آيل وفد کي ويلڪم ڪيو.هوڏانهن پرڏيهي سياحن جي وفد جي سيڪيورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي.
0 تبصرے