ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي طرفان اهلڪارن کي وڌيڪ 10 موٽر سائيڪلون فراهم ڪيون ويون
ٺٽو(ڊ ر)ايس ايس پي ٺٽو طرفان ٺٽو ۽ مڪلي ۾ مددگار پوليس کي وڌيڪ 10 موٽر سائيڪلون فراهم ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي طرفان ٺٽو ۽ مڪلي ۾ ڏوهن جي روڪٿام ۽ پيٽرولنگ کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ 15 مددگار پوليس اهلڪارن کي وڌيڪ 10 موٽر سائيڪلون فراهم ڪيون ويون آهن۔ خاص طور تي ماهه رمضان المبارڪ دوران شاهي بازار ۽ مختلف شاپنگ سينٽرن ۾ عيد جي خريداري وقت مشڪوڪ ماڻهن تي ويجهي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي سگهي۔ ايس ايس پي ٺٽو هدايت ڪئي ته موٽر سائيڪل پيٽرولنگ کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ٿي سگهي۔ ايس ايس پي ٺٽو چيو ته پوليس اهلڪار پنهنجا فرض سچائي ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏين، ڪنهن به قسم جي غفلت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي۔ ان موقعي تي شعيب، سلمان هالو، ارشاد کڏائي ۽ ٻيا به موجود هئا۔ عوام ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي هن اقدام کي ڀرپور ساراهه ڏني
0 تبصرے