ملير، نوشهروفيروز، ڀريا روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍيون ويون، اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف نعريبازي
ڪراچي (رپورٽرز وٽان) ايران تي اسرائيل جي حملن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ان سلسلي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان ضلعي ملير جي سڏ تي اسٽيل ٽائون جي امام بارگاهه کان قومي شاهراهه تائين وڏي احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو۔ ريلي ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ بزرگن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي۔مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن “اسرائيل مرده آباد” ۽ “آمريڪا مرده آباد” جا نعرا هڻي فلسطيني ۽ ايراني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ايران دين اسلام جي حفاظت ۽ حق جي جنگ وڙهي رهيو آهي۔ هنن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي معصوم شهرين ۽ اسڪولي ٻارڙن تي بمباري ڪري ظلم جي نئين تاريخ لکي آهي۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري، اقوام متحده ۽ انساني حقن جا ادارا اسرائيل ۽ آمريڪا جي ظلم ۽ بربريت جو فوري نوٽيس وٺن ۽ معصوم ماڻهن تي ٿيندڙ حملن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن۔ريلي قومي شاهراهه تي پهچي احتجاجي مظاهري جي صورت اختيار ڪئي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي عالمي ادارن کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو۔ نوشهروفيروز ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ ايران تي حملي توڙي شهيد امام سيد علي خامنائي جي قتل خلاف شيعا علماءِ ڪائونسل، شيعه رابطا ڪائونسل ۽ اصغريا آرگنائيزيشن پاران امام بارگاه نجف سنڌ کان الله واري چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي جي اڳواڻي شيعا علماءِ ڪائونسل جي ضلعي صدر سيد زاهد حسين شاه، مولانا حب علي حيدري، شيعه رابطا ڪائونسل جي اڳواڻ سيد امتياز حسين شاه بخاري، انصار الحسن ميمڻ ۽ اصغريا آرگنائيزيشن جي عرفان علي چنه سميت ٻين اڳواڻن ڪئي۔ مظاهرين آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري کان جارحيت بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو۔ٻي طرف قائد ملت جعفريه حضرت علامه سيد ساجد علي نقوي جي حڪم تي شيعه علماء ڪائونسل ڀريا ضلعي نوشهروفيروز پاران جمعي جي نماز کانپوءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. امام مهدي (عج الله) مدرسي مان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مولانا ڊاڪٽر خادم حسين الحسيني، تحصيل صدر مولانا رفيق الحسن، ونگاڻي جنرل سيڪريٽري استاد محمد عالم ڪربلائي، ضلعي ايڊيشنل سيڪريٽري زوار سليم رضا، زوار محمد علي راڄپر، سيد محبوب علي شاهه، رضا باقر ۽ سمورن مومنن ڀرپور شرڪت ڪئي.ريلي کي خطاب ڪندي، علامه ڊاڪٽر خادم حسين الحسيني، تحصيل صدر ڀريا مولانا رفيق الحسن رضائي چيو ته هي احتجاجي اجتماع برادر پاڙيسري اسلامي ملڪ ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي جي پرسوز شهادت ۽ ايران ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا جي بمباري خلاف ٿي رهيو ڇوته سيد علي خامنه اي هميشه انساني ڀلائي کي ترجيح ڏني. آمريڪا ۽ اسرائيل پاران برادر اسلامي جمهوريه ايران تي مسلط ڪيل جنگ جي خلاف ايران جا جوابي قدم صرف ايران جي علائقي کي نه پر ٻين اسلامي ملڪن جي جاگرافيائي سرحدن کي "گريٽر اسرائيل" جي گندي صيهوني منصوبي کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهن ، اسلامي دنيا جي صورتحال جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، صيهوني ۽ سامراجي سازشن ۽ ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هي احتجاج صيهوني ۽ سامراجيت خلاف پنهنجي ازلي ۽ ابدي نفرت، غم ۽ غصي جو اظهار ڪري ٿو ۽ واضح ڪري ٿو ته شهيد اڳواڻ جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. لاڙڪاڻي ۾ مختلف شيعه تنظيمن ايم ڊبليو ايم، شيعه علماءِ ڪائونسل، اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان ۽ ٻين طرفان اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ايران ۽ فلسطين مٿان جاري حملن توڙي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي شھادت واري واقعي خلاف شهر جي جامع مسجد و امام بارگاھ جعفريه کان احتجاجي ريلي ڪڍي مک جناح باغ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مختلف شيعه تنظيمن جي اڳواڻن عمران حسين چانڊيو، غلام اصغر ۽ ٻين چيو ته اسلامي جمهوريه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي شھادت امت مسلمه لاءِ تمام وڏو سانحو آهي، جڏهن ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي عمرڪوٽ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعاريبازي ڪئي وئي، مرڪزي امام بارگاه پنج پير کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين آسرائيل ۽ آمريڪا خلاف ريلي ڪڍي فورن پاڪستان ۾ رهندڙ آمريڪن کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ريلي ۾ مولانا ارشاد علي عرفاني, زمان کوسو, جماعت اسلامي جي ڪارڪنن شيعا حيدرِ ڪرار جي ڪارڪنن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن آمريڪا ۽ اسرائيل مرده باد جا نعرا هڻي ايران سان همدردي جو ظاهر ڪيو نوابشاھ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملي ۾ ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنائي جي شهادت ۽ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل قومن جي چارٽر ۾ واضح ڪيل عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ ايران خلاف کليل جارحيت جي خلاف شيعه علماء ڪائونسل پاران احتجاجي ريلي مرڪزي مرتضوي امان بارگاھ کان ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي محمد حسين چانڊيو، مولانا ڪفايت ڪريمي، مولانا عبدالحڪيم لاشاري، زنوار محمد جڙيو زرداريءَ ٻين اڳواڻن ڪئي ريلي شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ بعد نوابشاھ پريس ڪلب پهتي، جتي مظاهرين آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيد علي خامنائي حسينيت جو سچو پيروڪار هو، جيڪو ڪڏهن به ظالمن آڏو نه جهڪيو هنن واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان ملڪ گڏ ٿي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ظلمن جو مقابلو ڪن ھنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت جو نوٽيس وٺي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن دنيا کي ٽين عالمي جنگ جي خطري کان بچائي سگهجي آخر ۾ هنن عالمِ اسلام کي اپيل ڪئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي لاڙڪاڻي ۾ ايران مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت ۽ مسلسل حملن خلاف جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهچي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان حوالي سان اڳواڻن ڪاشف سعيد شيخ عاشق ڌامراھ عباس علي ڏاهاڻي سميت ٻين جو چوڻ هو ته ايران تي حملا عالمي امن لاءِ خطرو آهن هنن چيو ته آمريڪي ۽ اسرائيل جي اهڙي جارحيت عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي مسلمان ملڪن کي گڏ ٿي اهڙي ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران مٿان جارحيت کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن مورو ويجھو ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ شھيد سپريم ليڊر ايران آيت الله خامنائي جي شھادت تي تعزيتي جلوس ۽ مجلس برپا ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. مورو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ مجلس کي مولانا اسد علي مري، سيد علي مرتضي شاھ، انجنيئر تصور حسين ۽ ضامن علي عمراڻي خطاب ڪيو. جڏھن تہ شيعه علماءَ ڪائونسل، اصغريه علم و عمل تحريڪ يونٽ بجراڻي لغاري ۽ تحريڪ بيداري امت مصطفي صه بجراڻي لغاري طرفان ريلي ڪڍي وئي. ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ کان گهنٽاگهر چوڪ تائين آمريڪا ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شيعا علماء ڪائونسل جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ريلي ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف شديد نعري بازي ڪئي ريلي ۾ ايراني عوام جي حق ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا ۽ اسرائيل ۽ آمريڪا کي عالمي دهشتگرد ڪوٺيو ويو بدين ۾ اميرِ جماعتِ اسلامي حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي بدين شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، مظاهري جي اڳواڻي قائم مقام امير جماعت اسلامي ضلع بدين الله بچايو هاليپوٽو،جنرل سيڪريٽري عبد الڪريم بليدي، ايـاز لطيف سومرو، ظائف علي جوڻيجو ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ايران مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا جو حملو عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي کلي خلاف ورزي آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، مظاهرين ايران جي رهبرِ آيت الله علي خامنہ اي کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هو انهن اڳواڻن مان آھي جيڪي آمريڪا ۽ اسرائيل آڏو ھر محاذ تي سامھون بيٺل ھوندا آھن ڪنهن به دٻاءَ آڏو جهڪڻ لاءِ تيار نه ھوندا آھن جنھن سبب کيس شھيد ڪيو ويو آهي، مظاهرين اعلان ڪيو ته اسين پنهنجي ايراني ڀائرن سان ڪلهو ڪلھي سان ملائي بيٺل آهيون ڪنھن به قرباني کي نه گھٻرائينداسين، کهڙا ۾ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران حملن خلاف ميان پرويز احمد اڄڻ، علي حيدر اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ابل واھ جي پڪي پل کان پريس ڪلب کهڙا تائين ريلي ڪڍي،ريلي ۾شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا پلي ڪارڊن تي آمريڪا ۽اسرائيل خلاف نعرا لکيل هئا مظاهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو اڳواڻن ميان پرويز احمد اڄڻ، علي حيدر اڄڻ خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملن جي سخت لفظن ۾مذمت ڪيون ٿا ايران جي مظلوم عوام سان هر ڏکئي گهڙي ۾ گڏ آهيون. خانپورمهر ۾ ايران مٿان آمريڪا ۽ اسرائيل جي ظلم ۽ بربريت خلاف خانپورمهر ۾ شيعا علماء ڪائونسل پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي شيعا علماء ڪائونسل تعلقه خانڳڙه جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ استاد معشوق علي سمون، استاد تاج محمد مهر، مشتاق احمد سمون، ڊاڪٽر محمد نواز سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج گلي چوڪ کان پريس ڪلب خانپورمهر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف ٿيندڙ ظلم، بربريت ۽ ناانصافيون قابل مذمت آهن ڀرياسٽي تعلقي بار ۾ وڪيلن ايڊووڪيٽ دريا خان اڄڻ ميڊم ذڪيا جوڻيجو ايڊووڪيٽ لياقت بروھي ايڊووڪيٽ ايوب ڪيريو ايڊووڪيٽ قربان بلر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسرائيل پاران ايران تي حملن خلاف سخت احتجاج ڪري آمريڪا خلاف نعري بازي ڪئي ان سلسلي ۾ اڳواڻن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا ايرن تي گڏيل حملا ڪري ايران جي روح روان سيد علي خامنائي کي شھيد ڪيو آھي اسرائيل ۽ آمريڪا ھوش کان ڪم وٺن کين منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو مسلمان ڪمزور ناھن ھنن دنيا جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ته متحد ٿيو ۽ اسرائيل جي دھشتگردي ختم ڪرائڻ لا۽ ايران جو ساٿ ڏيو ھنن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي دھشتگردي ۽ قتل عام ۽ قھري ڪارروائين تي مسلمان ملڪن جي خاموشي سواليا نشان آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ايران جي عوام سان گڏ آھيون ۽ کين اڪيلو نه ڇڏينداسين ڪنري ۾ ايران مٿان اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن خلاف ڪنري ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو شيعا علماء ڪونسل پاران مرڪزي امام بارگاھ الحسيني کان ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي پيروسڻ ۾ ڪراچي آمريڪي ڪائونسل خاني آڏو احتجاج ڪندڙ کي سڌيون ڳوليون ھڻي شھيد ڪرڻ خلاف مجلس وحدت المسلمین ،شيعا علماء ڪائونسل جي اڳوڻن طرفان مسجد العمران کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب پيروسڻ آڏو سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ريلي جي اڳواڻي آغا منور حسين جعفري، مولانا گدا حيسن حاجاڻو ،آغا زمانت علي چانڊيو ،آصف علي شر ،آغا بشير چانڊيو ،حاجي توصيف عباس منهاس ،زوار مختيار احمد شيخ، راڻو خان مجيداڻو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھٿين خالي احتجاج ڪندڙن مٿان ڳوليون ھلائي اسان کي ڇا پيغام ڏنو پيو وڃي ته اسان ظالمن خلاف احتجاجي مظاھرو نه ڪيو ته ائين نه ٿيندو ظلم خلاف احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي ڀلي ڪيترا به شھيد ڪري ڇڏيو اسان جي پاڪستاني حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته جنهن به ھٿين خالي احتجاج ڪندڙن مٿان ڳوليون ھلايون آهن انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي
0 تبصرے