قديم ڳوٺ جي نالي سان پير سهندي ڳوٺ ٽو استيل ملز جي 500ايڪڙ زمين تي غيرقانوني ڏاٺون شروع
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پير سرهنڊي ڳوٺ جي زمين تي قبضا مافيا پاران ٻيهر والار جون ڪوششون شروع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. قديم ڳوٺ جي نالي سان پير سرهنڊي ڳوٺ ٽو اسٽيل ملز جي 500 ايڪڙ کان وڌيڪ خالي پيل زمين تي قبضا مافيا غيرقانوني اڏاوتون شروع ڪري ڇڏيون آهن.ڳوٺاڻن موجب هن مسئلي بابت هو اڳ ئي قانوني رستو اختيار ڪري چڪا آهن ۽ پنهنجي علائقي جي ايم اين اي، ايم پي اي، حڪومتِ سنڌ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت اعليٰ اختيارين کي بار بار اپيلون ڪيون ويون، پر ڪنهن به اداري سنجيدگي سان نوٽيس نه ورتو. قديم پير سرهندي ڳوٺ جي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪا ٻڌڻي نه ٿي ته باشعور ڳوٺاڻا پاڻ ميدان ۾ لهي آچڻ تا ۽ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي قبضا مافيا کي ڀڄايو ڇڏين سندن دعويٰ آهي ته هي تڪرار گذريل ڇهه سالن کان جاري آهي ۽ هاڻي رمضان شريف جي مهيني ۾ ساڳي هنڌ تي ٻيهر قبضي جون سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن، .ڳوٺاڻن واضح اعلان ڪيو آهي ته هو جلد احتجاج ذريعي قبضا مافيا جا نالا ۽ تفصيل عوام آڏو آڻيندا ۽ پنهنجي ڳوٺ سميت قومي ملڪيت تان هر قسم جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندا.
0 تبصرے