ريلوي جي پورھيتن کي قانوني ۽ آئيني حق ڏيندي ريفرنڊم ڪرايو وڃي: ريل مزدور محاذ

ريل مزدور محاذ جو اجلاس نسيم رائو جي صدارت ھيٺ ٿيو، منظور ملاح، دلبر مگسي، شاھد اقبال، صابر تنولي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

ريلوي جي پورھيتن کي قانوني ۽ آئيني حق ڏيندي ريفرنڊم ڪرايو وڃي: ريل مزدور محاذ

ڪراچي(رپورٽر) ريل مزدور محاذ جي اجلاس ۾ ايم آءِ آر سي جي تاريخي فيصلي کي خوش آئند قرار ڏيندي ريلوي جي پورھيتن جي حقن جي لاءِ ھڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو ويو ۽ ان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، اجلاس ۾ ريلوي اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو تھ ھو ان فيصلي کي بنا دير تسليم ڪندي ريلوي جي پورھيتن کي انھن جو قانوني ۽ آئيني حق ڏيندي ريفرنڊم جو انعقاد کي يقيني بڻائين.اجلاس ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران مسلم امت خاص ڪري ايران خلاف جاري جارحيت ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان کي صدي جو وڏو انسان دشمن عمل قرار ڏنو ويو، عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ويو تھ ھو ان صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺندي انھن قدمن خلاف موثر ڪاروائي ڪن. اجلاس ۾ ريلوي اختيارين جي بي حسي تي سخت افسوس جو اظھار ڪندي چيو ويو تھ ريلوي انتظاميا بجلي جي فراھمي جي معاملي ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، ان صورتحال جي ڪري ماڻھن جا بجلي ۽ گھريلو سامان مسلسل سڙي رھيا آھن جڏھن تھ ملازم ۽ انھن جا گھر ڀاتي سخت ذھني دٻاءُ ۽ مشڪلات جو شڪار ٿي چڪا آھن، اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو تھ ان مسئلي جو فوري حل ڪڍيو وڃي، يا تھ بجلي جي نظام جي مناسب مينٽيننس کي يقيني بڻايو وڃي يا ان کي ڪراچي اليڪٽرڪ جي حوالي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ملازم احتجاج ۽ ھڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ پرمم پاران ريلوي واري وزير، وزيراعظم، صدر، چيئرمين سينيٽ ۽ آرمي چيف کي ريلوي جي موجودھ حالتن جي حوالي سان ھڪ تفصيلي خط اماڻيو ويو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ ريلوي ۾ محدود پيماني تي ڀرتين جو عمل شروع ڪيو ويو آھي، پر اھو قدم ناڪافي آھن، وڌيڪ اھو تھ ريلوي جي مختلف شعبن جي لاءِ انتھائي ضروري رپيئر ميٽريل اڃان تائين فراھم ناھي ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان امرتي بھ زور ڏنو ويو تھ رٽائرڊ ملازمن، بيواھن ۽ حاضر سروس ملازمن جي بقايائون فوري طور تي ادا ڪيون وڃن، ان ڳالھھ تي بھ افسوس جو اظھار ڪيو ويو تھ رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ بينوولنٽ فنڊ جاري ناھي ڪيو ويو، جيئن تھ اھا رقم ملازمن جي پنھنجي جمع ڪيل ھوندي آھي. اجلاس جي صدارت محمد نسيم رائو ڪئي، اجلاس ۾ مرڪزي چيئرمين منظور احمد ملاح، سرپرست اعليٰ دلبر خان مگسي، ترجمان شاھد اقبال، صابر تنولي، امير بخش رند، عطا انصاري، اياز ھاليپوٽو، شڪيل اعواڻ، مظر شاھھ، عبدالقادر سولنگي، بلاول سھتو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.