عمرڪوٽ ضلعي کي پوليو کان پاڪ ضلعو بڻائڻو آهي: نويد الرحمٰن لاڙڪ

سڀ وسيلا ڪتب آڻي هن پوليو مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻايو وڃي: ڊي سي ٺٽو

عمرڪوٽ ضلعي کي پوليو کان پاڪ ضلعو بڻائڻو آهي: نويد الرحمٰن لاڙڪ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمٰن لاڙڪ جي صدارت هيٺ 13 اپريل 2026ع کان 16 اپريل 2026ع تائين شروع ٿيندڙ انسدادِ پوليو مهم ڊي پيڪ (DPEC) بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمٰن لاڙڪ چيو ته ايندڙ پوليو ايس اين آءِ ڊي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، پوليو مهم دوران پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي ۽ مائڪرو پلان تي عملدرآمد ڪيو وڃي ته جيئن اسين ڪامياب ٿي سگهون ۽ ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي، هن وڌيڪ چيو ته سڀني آفيسرن گذريل پوليو مهم ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ هن ڀيري به پنهنجي ڊيوٽي بهترين نموني سرانجام ڏين، ھن چيو ته سڀ وسيلا ڪتب آڻي هن پوليو مهم کي سئو سيڪڙو ڪامياب بڻايو وڃي، ان موقعي تي هن سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن، صحت کاتي جي عملي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پوليو مهم جي مانيٽرنگ دوران ڪا به ڪوتاهي نظر اچي ته لاڳاپيل ورڪرز ۽ يو سي ايم اوز خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پوليو مهم جي مانيٽرنگ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن ڪٿي به ڪوتاهي نظر اچي ته ان جي رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي، ان سان گڏ ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي به خاص ڌيان ڏنو وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد علي نهڙي چيو ته صحت کاتي جي سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي، ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سماجي تنظيمون هر ڀيري پوليو مهم دوران فور باءِ فور گاڏيون فراهم ڪنديون آهن ۽ هن ڀيري به سهڪار ڪنديون، هن تعليم کاتي جي عملي کي هدايت ڪئي ته اسڪولن جي استادن کي تاڪيد ڪئي وڃي ته پوليو مهم دوران شاگردن جي حاضري يقيني بڻائين، ان موقعي تي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ پوليو مهم جا سڀ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏھن ته پنجن سالن تائين جي عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا، هن ڀيري اسان جو حدف 298090 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو آهي، هن مهم ۾ 866 موبائل ٽيمون، 49 يو سي ايم اوز ۽ 10 ڊسٽرڪٽ مانيٽرز سميت صحت کاتي جو عملو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته انڪورڊ ايريا پڻ ڪور ڪيا ويندا، ان موقعي تي اجلاس ۾ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪاؤنسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نهڙي، اي ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنگورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمن داس، ٽي ايڇ اوز، ڊبليو ايڇ او جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگا شنڪر، اي پي آءِ جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مهر، ڊاڪٽر عمران آخوند، پوليو ڪميونيڪيشن آفيسر، تعليم کاتو، اطلاعات کاتو، سماجي تنظيمون، هينڊز جو ڊسٽرڪٽ منيجر امام بخش خاصخيلي، صحت کاتي جو عملو، ڊي ايس ويز، ٽي ايس ويز، يو سي ايم اوز، ايريا انچارج سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔