هن قدم جي شروعات تي اسان ان جي ڪاميابي ۽ مسلسل ترقي لاءِ دعاگو آهيون: عقيل ڪريم ڊيڍي
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ آفت سٽيل ۽ محروم طبقي تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائڻ لاءِ چوٿين موبائل ارجنٽ ڪيئر يونٽ (ايم يو سي) جو افتتاح ڪيو ويو آهي۔ 20 فوٽ تي ٻڌل جديد “ڪلينڪ آن ويلز” اي ڪي ڊي گروپ ۽ شائن هيومينيٽي جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي۔ افتتاحي تقريب اي ڪي ڊي گروپ جي چيئرمين عقيل ڪريم ڊيڍي جي رهائشگاهه تي منعقد ٿي۔ شائن هيومينيٽي جون موبائل ارجنٽ ڪيئر يونٽس 2022ع جي تباهڪن ٻوڏن کان پوءِ اداري جي هنگامي امدادي ڪارروائين ۽ ٻھراڙي صحت حڪمت عملي جو اهم حصو رهيون آهن۔ ڏکين ۽ پٺتي پيل علائقن تائين رسائي ۽ فوري طبي امداد جي فراهمي لاءِ تيار ڪيل هي موبائل ڪلينڪس انهن ماڻهن تائين پهچڻ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون، جيڪي عام طور سهولتن کان محروم رهن ٿا۔ اهي موبائل يونٽس مستند ڊاڪٽرن، تربيت يافته طبي عملي، ضروري دوائن ۽ تشخيصي اوزارن سان ليس آهن، جيڪي سڌي طرح ڪميونٽي جي در تي فوري ۽ مؤثر طبي سهولتون فراهم ڪن ٿيون۔ نئين افتتاح ڪيل يونٽ بدين، سجاول ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي ۽ انهن علائقن تائين پهچندي جتي صحت جون سهولتون انتهائي محدود يا ناپيد آهن۔ گذريل هڪ سال دوران شائن جي موجوده موبائل ارجنٽ ڪيئر يونٽس ديهي سنڌ جي علائقن گهارو، سجاول، ٺٽو، ميرپور ساڪرو ۽ مڪلي ۾ 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي طبي سهولتون فراهم ڪيون آهن۔ ان موقعي تي شائن هيومينيٽي جي سي اي او فهيم خان چيو ته نئين موبائل ارجنٽ ڪيئر يونٽ ذريعي صحت جون سهولتون شهرن ۽ پڪين سڙڪن کان اڳتي وڌائي سڌي طرح انهن ڪميونٽيز تائين پهچايون پيون وڃن، جن کي انهن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي۔ عقيل ڪريم ڊيڍي چيو ته هن قدم جي شروعات تي اسان ان جي ڪاميابي ۽ مسلسل ترقي لاءِ دعاگو آهيون۔ اسين هر قدم تي الله تعاليٰ کان رهنمائي طلب ڪريون ٿا ته جيئن هي ڪوشش ڪميونٽي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي۔
0 تبصرے