ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) انجمن آل محمد و غلامان آل عمران طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي ۾ شھيد ٿيل ايران جي سپريم ليڊر آیت اللہ سید علي خامنہ اي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ انجمن آل محمد و غلامانِ آلِ عمران جي سالار سيد عنايت علي شاھ ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جسم جي ضمير حاجاڻو، فيض سنڌي، وهاب گبول سميت وڏي تعداد ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته آيت اللہ سيد علي خامنہ اي جي قيادت اسلامي دنيا لاءِ حوصلو، استقامت ۽ مزاحمت جو اھڃاڻ رهي آهي هنن چيو ته سيد علي خامنہ اي عالمي دھشت گرد نيتن ياهو ۽ ٽرمپ کي دنيا سامھون وائکو ڪري ڇڏيو ھن ميدان تي پنھنجي ۽ ڪٽنب جي جانين جا نظرانہ پيش ڪري ڪربلا جي ياد کي تازو ڪيو آھي عالمي قوتن جي دٻاءَ باوجود ھنن حق جي راه ورتي ۽ دھشت گردن اڳيان سرخم تسليم نه ڪيو ھنن چيو ته سيد علي خامنہ اي جي شھادت عالمي دھشت گردن کي تباھ نيست نابود ڪري ڇڏيندي هنن وڌيڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ مظلوم قومن کي اتحاد، فڪري سجاڳي ۽ باهمي يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي تقريب ۾ شھيد آيت اللہ سيد علي خامنہای جي تصوير اڳيان ڏيئا ٻاري ۽ گل نڇاور ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي شرڪت ڪندڙن وڏي عقيدت سان سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عزم ظاهر ڪيو ته هو حق، انصاف ۽ اتحاد جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا۔ ميڙاڪي جي آخر ۾ ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو
0 تبصرے