English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي
234 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين منظم ريلي ڪڍي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ اين پي سي آءِ ايڇ اي پاڪستان مدر ونگ پاران پاڪ فوج جي حق ۾ اظهارِ يڪجهتي لاءِ جناح پارڪ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين هڪ ڀرپور ۽ منظم ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري قومي جذبي جو مظاهرو ڪيو ۽ هٿن ۾ قومي پرچم ۽ بينرز کنيل هئا، ريلي جي قيادت فقير عبدالله ڀنبڀرو، سينيئر وائيس چيئرمين صوبه سنڌ، ۽ حاجي مبارڪ منگريو صدر ڊويزنل ميرپورخاص ڪئي، جڏهن ته حبيب الله قمبراڻي، همتٿارام ڀيل، والجِي رام ڀيل، محمد شريف بجير، امام علي بجير، منٺار ڀيل ۽ ارجن ڀيل سميت ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج زنده باد ۽ پاڪستان پائندہ باد جا فلڪ شگاف نعرهَ بلند ڪيا، مقررين چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي تحفظ، قومي سلامتي ۽ استحڪام جي ضامن آهي ۽ ان جي قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي، انهن چيو ته پاڪستاني عوام هر ڏکي وقت ۾ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان موقعي تي عالمي سطح تي پيدا ٿيل تڪرار تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، مقررين آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملن جي مذمت ڪئي ۽ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، انهن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو خطي ۾ وڌندڙ تڪرار کي گهٽائڻ ۽ امن و استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪن، ريلي جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي، استحڪام ۽ عالم اسلام ۾ امن لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي
0 تبصرے