مورو (جاني جماڻي) محسن اُمت سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه جي شهادت جي واقعي بعد پوري دنيا جيان مورو ۾ به ماحول سوڳوار هر اک آلي. سندن شهادت جي خبر بعد مرڪزي امام بارگاه حسيني مورو مان احتجاجي ريلي سيد سجاد حيدر شاھ، ، جاويد ڪانڌڙو، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، سيد نذير علي شاھ، سيد رياض علي شاھ، محمد صالح ٻرڙو، شهزاد علي سرهيو بابر علي عمراڻي، عامر علي سرهيو عارف ٻرڙو عامر علي ساٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي ريلي ۾ سني شيعه هر مڪتب فڪر صرافه يونين جي اڳواڻن سميت شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ زارو قطار روئيندا مورو پريس ڪلب پهتا جٿي تعزيتي تڏو وڇايو ويو ۽عزادري برپا ڪئي وئي ان موقعي تي مجلس عزا کي خطاب ڪندي مولانا دوست محمد چنا، مولانا عمران علي مري، مولانا غلام مصطفي چنا، مولانا اسد رضا مولانا شفقت حسين کوسو خطاب ڪندي چيو ته سيد علي خامنه سِرُ ڪٽرائي ڇڏيو پر وقت جي يزيد جي بعيت نه ڪئي، جٿي دنيا جا سڀ حڪمران آمريڪا جا غلام بڻيل آهن اتي سيد علي خامنه حق تي قائم رهيو ۽ ظالم آڏو نه جهڪيو هن جرائت بهادري کي ڪروڙين سلام دين اسلام جي خدمت ۽ امت جي ڀلائيءَ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ، اخلاق حسنہ اپنائڻ، علم حاصل ڪري ٻين تائين پهچائڻ، ۽ سماجي خدمتن ۾ سرگرم رهيو. پنهنجي عملن سان اسلام جي سچائي (صادق ۽ امين) کي ظاهر ڪريو، وحدت برقرار رکي، ۽ گڏيل محنت سان امت کي مضبوط بڻايو
0 تبصرے