پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ تي ناري جي چاچي راشد ۽ سئوٽ واجد چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ڪيو
ھالا(رپورٽر) ھالا ڀرسان ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ 10 ڏينھن اڳ ڪارو ڪاري جي الزام ھيٺ قتل ڪيل ناري شمائلا چانڊيو جي قتل ڪيس جو رمارڊ پورو ٿيڻ تي ناري جي چاچي راشد ۽ سئوٽ واجد چانڊيو کي ھالا جي عدالت ۾ پيش ڪيو، مٽياري جي عدالت جوابدارن کي ٻِن ڏينھن جي رمارڊ تي ھالا پوليس حوالي ڪيو ھو،رمارڊ پورو ٿيڻ بعد ٻنھين جوابدارن کي ھالا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آھي، ھالا پوليس پاران عدالت کي ٻيھر رمارڊ جي استدعا ڪئي، جنھن بعد ھالا جي عدالت جوابدارن کي 11 ڏينھن جي جيل ڪسٽڊي رمارڊ تي حيدرآباد سينٽر جيل حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت پاران 11 ڏينھن بعد جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
0 تبصرے