نوجوان جي قتل ڪيس ۾ بروهي ڌر جي 13 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، گرفتاري عمل ۾ نه آئي
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ شيخ بروھي ڌرين جي تڪرار تان نوجوان فرحان عرف جاني شيخ جي قتل جو ڪيس فوجداري ٿاڻي تي بروھي ڌر جي 13 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي, شھر جي ٽرڪ اڏو واري علائقي ۾ گذريل رات ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل نوجوان مقتول فرحان عرف جاني ولد عطا محمد عرف عطو شيخ جي قتل جو ڪيس امجد شيخ جي فرياد تي بروھي ڌر جي 13 نامزد جوابدارن جاويد بروھي,باز محمد بروھي,شير احمد,ديدار بروھي,طارق بروھي,بابر بروھي,نويد سميت 13 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آھي,ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آھي تہ نامزد جوابدارن فرحان عرف جاني شيخ کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ھو جنھن کي علاج خاطر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو جنھن بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ ڪري سکر جي اسپتال ريفر ڪيو وڃي پيو تہ جوابدارن ٻيو ڀيرو ڊگري ڪاليج روڊ تي ايمبولينس کي روڪي مٿان حملو ڪري زخمي ٿيل جاني شيخ کي گوليون ھڻي قتل ڪري پرويز شيخ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا,جڏھن تہ پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاء گھرن تي چڙھائي ڪري گھر پٽ ڪيا ويا.
0 تبصرے