ٺٽي ۾ پيٽرول پمپن جي سخت نگراني جو فيصلو، ايس او پيز تي عملدرآمد جي هدايت

ضلعي ۾ پيٽرول جي لڳاتار فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمران الحق

ٺٽي ۾ پيٽرول پمپن جي سخت نگراني جو فيصلو، ايس او پيز تي عملدرآمد جي هدايت

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق جي صدارت هيٺ ضلعي جي سمورن پيٽرول پمپ مالڪن ۽ نمائندن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ پيٽرول پمپ مالڪن شرڪت ڪئي۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمران الحق پيٽرول پمپ مالڪن ۽ نمائندن کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ پيٽرول جي لڳاتار فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي کوٽ برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن چيو ته پيٽرول پمپ مالڪ اين او سيز ۽ ٻيا گهربل ضروري دستاويز اپڊيٽ رکن ۽ فائر سيفٽي جي گهرجن تي سختي سان عمل ڪن۔ هن چيو ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي لاپرواهي يا خلاف ورزي جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پيٽروليم ۽ ڊيزل جو وڪرو حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهن تي ڪيو وڃي ۽ وڌيڪ اگهن جي وصولي کان پاسو ڪيو وڃي۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ايندڙ هفتي سومر کان ضلعي جي پيٽرول پمپن جي باقاعده جاچ (انسپيڪشن) شروع ڪئي ويندي ته جيئن حڪومتي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي۔