ايم پي ايز راڻا ھميرسنگھ سوڍا ۽ سيد امير علي شاهه پاران واقعي جو نوٽيس ورتو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ NIVCD جي فرسٽ ايڊ يونٽ ۾ پيش آيل واقعي جو سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ايم پي اي راڻا ھميرسنگھ سوڍا ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاهه پاران نوٽيس وٺڻ کان پوءِ معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،ضلعي صحت آفيسر محمد علي نهڙي ۽ NIVCD جي سي اي او پاران جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي، جڏهن ته عمرڪوٽ يونٽ جي انچارج ڊاڪٽر گل مالهي کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون، ان دوران ڊاڪٽر گل مالهي پنهنجي ڪوششن سان معاملي کي راڄوڻي نموني نبيرڻ لاءِ ڌرين ۾ رابطا ڪيا،متاثر نوجوان گلاب سنگهه سوڍو جي وارثن، راڄ جي معزز ماڻهن ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندي ڊاٽ جي راڻي، ايم پي اي راڻا ھميرسنگھ سوڍا صاحب جي موجودگي ۾ NIVCD جي اسٽاف، چوڪيدار حاڪم علي ۽ ميل نرس سروڻ ڀيل پنهنجي غلطي تسليم ڪندي معافي گهري، انھي موقعي تي ڪنول موھن لال رتناڻي پي اي راڻا ھميرسنگھ سوڍا صاحب، رتن سنگهه سوڍو، جگت ڏان چارڻ، ڪرنهٺيسنگهه سوڍو، دلپت سنگهه سوڍو، چندن سنگهه، ڊاڪٽر سوائي سنگهه ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي سوڍا برادري ۽ موجود اڳواڻن سنڌ جي صدين پراڻي روايت کي برقرار رکندي، لنگي آيل مهمانن کي عزت ڏيندي جوابدار ڌرين کي معاف ڪري ڇڏيو، جنهن سان معاملو پرامن طريقي سان حل ٿي ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي هميشه امن، ڀائيچاري ۽ برداشت جو پيغام ڏنو آهي، ۽ اهڙيون روايتون معاشري ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏين ٿيون آخر ۾ سمورن ڌرين پاران ايم پي اي راڻا ھميرسنگھ ايم پي اي امير علي شاهه، ضلعي انتظاميا، پوليس سميت لاڳاپيل اختيارين جا ٿورا مڃيا ويا، جن جي مداخلت سان معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهيو
0 تبصرے