نالي جي کوٽائي دوران وڏي مقدار ۾ مٽي ڪڍي پئي وڃي جيڪا وڪرو ڪئي پئي وڃي: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حديد ۾ برساتي نالي جي اڏاوت تڪراري صورت اختيار ڪندي پئي وڃي منصوبي دوران سامهون ايندڙ اطلاعن شهرين ۾ سخت ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ شفاف جاچ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي۔مقامي ذريعن موجب نالي جي کوٽائي دوران وڏي مقدار ۾ مٽي ڪڍي پئي وڃي، جنهن کي باقاعده ڊمپر جي حساب سان لڳ ڀڳ 10 هزار رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو عمل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ڪنهن به سرڪاري اجازت يا مالي شفافيت بابت ڪا واضع ڄاڻ سامهون نه آئي آهي۔علائقي واسين موجب جيڪڏهن اها مٽي سرڪاري منصوبي تحت ڪڍي پئي وڃي ته ان جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيڻ گهرجي، پر هن وقت تائين ان بابت ڪو به سرڪاري رڪارڊ يا وضاحت سامهون نه آئي آهي، جنهن سبب شڪ شبها وڌيڪ وڌي ويا آهن۔ٻئي طرف گلشنِ حديد فيز ٽو ۾ نالي جي ڀرسان لڳل قيمتي ۽ پراڻن وڻن جي ڪٽائي جون به خبرون سامهون اچي رهيون آهن۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي وڻ ڪاٽي وڪرو ڪيا پيا وڃن، جنهن سان نه صرف ماحولياتي نقصان ٿي رهيو آهي پر علائقي ۾ گرمي ۾ اضافو ۽ ماحولياتي توازن متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي۔ذريعن موجب وڻن جي ڪٽائي واري معاملي ۾ لاڳاپيل يو سي چيئرمين جو نالو به سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته هن حوالي سان اڃا تائين ڪو به باضابطه موقف سامهون نه آيو آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن واقعي وڻ ڪاٽيا پيا وڃن ته ان لاءِ لاڳاپيل ادارن يا ٻيلن کاتي کان اجازت وٺڻ لازمي هئي۔علائقي واسين ۽ سماجي حلقن هن صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي نالي تي شروع ڪيل منصوبو جيڪڏهن ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي ته اهو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي۔ سندن چوڻ هو ته عوامي وسيلن جو غلط استعمال نه صرف ڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿو پر ان سان عوام جو اعتماد به متاثر ٿئي ٿو۔شهرين ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ملير، بلديات کاتي، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي فوري، شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪرائي وڃي۔ جيڪڏهن مٽي ۽ وڻن جي وڪري ۾ بي ضابطگيون ثابت ٿين ته ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔علائقي واسين وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن بروقت نوٽيس نه ورتو ويو ته هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، ۔
0 تبصرے