عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪامريڊ عبدالڪريم مڱريو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪامريڊ عبدالڪريم مڱريو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، علائقي ۾ سوڳ جي لهر

عمرڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪامريڊ عبدالڪريم مڱريو لاڏاڻو ڪري ويو

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) صحافي آزاد لال حسين منڱريو جو والد ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالڪريم منڱريو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، مرحوم جي وفات تي صحافتي، سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، صحافي آزاد لال حسين منڱريو سان همدردي ۽ تعزيت جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته ڪيترن ئي اڳواڻن سندس گهر پهچي عذرخواهي ڪئي، مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز کان پوءِ مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، علائقي جي مختلف تنظيمن ۽ شخصيتن مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي سندس وفات کي وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.