امداد علي امام علي قاضي جون علمي، فڪري ۽ تعليمي خدمتون

سراج منير عباسي

امداد علي امام علي قاضي جون علمي، فڪري ۽ تعليمي خدمتون

امداد علي امام علي قاضي، جيڪو آءِ. آءِ. قاضي جي نالي سان مشهور آهي، سنڌ جو هڪ وڏو عالم، فلسفي، قانوندان ۽ تعليمي ماهر هو. هن پنهنجي علمي ۽ فڪري خدمتن ذريعي سنڌي سماج، تعليم ۽ ادب تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ خاص طور سنڌ يونيورسٽي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.سندس جنم اپريل 1886ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. هو هڪ علمي ۽ معزز خاندان سان تعلق رکندو هو، ۽ سندس والد قاضي امام علي انصاري برطانوي دور ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ رهيو.هن پنهنجي ابتدائي تعليم گهر ۾ نجي استاد کان حاصل ڪئي، جتي هن قرآن پاڪ سان گڏ فارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو سکيو. بعد ۾ 1907ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو ۽ London School of Economics ۾ معاشيات پڙهيو. 1911ع ۾ بار ايٽ لا جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان علاوه هن 1932ع ۾ قاهره ۾ عربي ٻولي سکيو ۽ پوءِ School of Oriental and African Studies ۾ به تعليم جاري رکي.پيشورانه زندگي ۾ هن مختلف اهم عهدن تي ڪم ڪيو. برطانوي حڪومت کيس سول جج بڻجڻ جي آڇ ڪئي، جڏهن ته هن خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 1951ع کان 1958ع تائين هو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو، جتي هن تعليمي سڌارن لاءِ اهم قدم کنيا.سندس وفات 13 اپريل 1968ع تي حيدرآباد ۾ ٿي ۽ کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪيمپس ۾ دفن ڪيو ويو. ته هن پنهنجي زال ايلسا سان گڏ “The Adventures of the Brown Girl in her Search for God” نالي ڪتاب لکيو، جيڪو 1933ع ۾ شايع ٿيو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي ترجمي تي پڻ ڪم ڪيو. سندس علمي خدمتن کان ڪيترن وڏن مفڪرن جهڙوڪ ابوالڪلام آزاد، علامه اقبال، عبيدالله سنڌي ۽ جارج برنارڊ شا متاثر ٿيا. سندس ورسي هر سال ملهائي ويندي آهي ۽ کيس سنڌ جي اهم علمي شخصيتن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.