English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ۾ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف مهاڻن جي ريلي، فاطمه مجيد ۽ ٻين جي به شرڪت
263 views
|
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ۾ ڊيزل جي وڌندڙ اگهن خلاف پاڪستان فشرفوڪ فورم طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مهاڻن شرڪت ڪئي۔احتجاج ۾ فاطمه مجيد، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي نمائندن ۽ ٻين مهاڻن ڀرپور شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن مهانگي خلاف نعرا هنيا ۽ حڪومت کان فوري رليف جو مطالبو ڪيو۔ان موقعي تي فاطمه مجيد خطاب ڪندي چيو ته ڊيزل جي لڳاتار وڌندڙ اگهن سبب مهاڻن جو روزگار سخت خطري ۾ پئجي ويو آهي، تنهنڪري حڪومت فوري طور تي ايندھن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري مهاڻن کي رليف فراهم ڪري۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مهانگائي ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جاري رهي ته مهاڻن جي معاشي حالت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي۔مظاهري ۾ شامل مجيد موٽاڻي، ايوب شان، طالب ڪڇي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته مهانگي ايندھن سبب متاثر ٿيل مهاڻن لاءِ فوري طور خصوصي رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي۔مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن جي ڳوٺ چيهي واسي نوجوان جي بازيابي لاءِ نوشھروفيروز ۾ احتجاج
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
تمر جو عالمي ڏينهن، ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن پاران ابراهيم حيدري جي ٻيٽن تي هزارين تمر جا ٻوٽا پوکيا ويا
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايجوڪيشن سٽي منصوبي بابت اهم اجلاس، قديم ڳوٺن جي تحفظ ۽ مالڪاڻي حقن تي زور
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس, تنظيمي معاملن بابت اهم فيصلا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري ۾ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف
0 تبصرے