English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايجوڪيشن سٽي منصوبي بابت اهم اجلاس، قديم ڳوٺن جي تحفظ ۽ مالڪاڻي حقن تي زور
125 views
|
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ، عبدالرزاق بلوچ، امداد جوکيو، محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ ۽ ٻيا شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايجوڪيشن سٽي منصوبي بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ملير ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جي سينيئر اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ملير جي صدر ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي راجا عبدالرزاق بلوچ، جنرل سيڪريٽري ضلع ملير امداد جوکيو، ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ پارلياماني سيڪريٽري براءِ مائنز اينڊ منرل محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ، ميمبر قومي اسيمبلي ڄام عبدالڪريم جوکيو، ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد ساجد جوکيو ۽ مجاهد جوکيو، ڊپٽي ڪمشنر ملير سميع الله شيخ سان ملاقات ڪئي. اجلاس دوران پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سٽي منصوبي جي اڳڀرائي، مستقبل جي ترقياتي قدمن ۽ مختلف انتظامي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايجوڪيشن سٽي منصوبي، زمينن جي ليزن، قديم ڳوٺن جي مالڪاڻي حقن، قبرستانن، گرين بيلٽ ۽ ملير جي مجموعي ترقي سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايجوڪيشن سٽي جهڙا اهم منصوبا ملير جي تعليمي، معاشي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ سنگِ ميل ثابت ٿي سگهن ٿا، پر منصوبي جي تڪميل دوران صدين پراڻن ڳوٺن، مقامي آبادي جي حقن، ثقافتي ورثي ۽ روايتي طرزِ زندگيءَ جو مڪمل تحفظ پڻ انتهائي ضروري آهي اجلاس ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته ترقياتي عمل کي مقامي آبادي جي اعتماد، شفافيت ۽ صلاح مشوري جي اصولن تحت اڳتي وڌايو ويندو، جڏهن ته قديم ڳوٺن جي رهواسين جي جائز تحفظات کي ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتي رابطي ۽ سهڪار کي يقيني بڻايو ويندو. ٻئي پاسي، ايجوڪيشن سٽي تحفظ ڪميٽي جي سرگرم ميمبر سليم سالار جوکيو اجلاس بابت تحفظات ظاهر ڪندي چيو ته ڪميٽي جي ميمبرن مان صرف مجاهد جوکيو کي دعوت ڏني وئي، جڏهن ته ٻين ميمبرن کي اجلاس بابت ڪا اڳواٽ ڄاڻ يا اطلاع نه ڏني وئي. هن چيو ته ڪميٽي اڃا تائين ايجوڪيشن سٽي ۽ روينيو کاتي جي ڪارڪردگيءَ بابت مطمئن ناهي سندس چوڻ هو ته هيل تائين ڪميٽي جي ميمبرن کي قديم ڳوٺن، قبرستانن ۽ گرين بيلٽ جي زمينن جي تحفظ بابت معاملن ۾ سرڪاري طور اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي ۽ نه ئي کين ان عمل جو باضابطه حصو بڻايو ويو آهي سليم سالار جوکيو وڌيڪ چيو ته مقامي آبادي جي تحفظات کي ختم ڪرڻ ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ منصوبي تي مڪمل اتفاقِ راءِ ممڪن ناهي. هن مطالبو ڪيو ته ايجوڪيشن سٽي منصوبي سان لاڳاپيل سڀني فيصلن ۾ تحفظ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي، جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ مقامي آبادي جي حقن جو مڪمل تحفظ ممڪن بڻجي. سياسي ۽ سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته ايجوڪيشن سٽي منصوبو ملير لاءِ روشن مستقبل جي نويد ثابت ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪه ترقي ۽ مقامي آبادي جي حقن وچ ۾ متوازن حڪمتِ عملي اختيار ڪئي وڃي. ماهرن موجب جيڪڏهن منصوبي ۾ مقامي آبادي کي اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ قديم ڳوٺن، قبرستانن ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو ته هي منصوبو نه رڳو ملير پر سڄي سنڌ لاءِ هڪ مثالي ترقياتي ماڊل بڻجي سگهي ٿو. واضح رهي ته ايجوڪيشن سٽي منصوبو گذريل ڪيترن ئي سالن کان مقامي آبادي، زمينن جي مالڪاڻي حقن ۽ تاريخي ڳوٺن جي تحفظ جي حوالي سان بحث جو مرڪز رهيو آهي، ۽ ان جي مستقبل بابت فيصلن تي ملير واسين جون گهريون نظرون مرڪوز آهن تجويز ڪيل
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايجوڪيشن سٽي منصوبي بابت اهم اجلاس
0 تبصرے