سجاول: اشرف ونگائي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي موت ۽ ٻن کي عمر قيد جي سزا

سجاول: اشرف ونگائي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي موت ۽ ٻن کي عمر قيد جي سزا

سجاول.(رپورٽر.)شاهبندر واسين جو اهم عدالتي فيصلو، قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي سخت سزائون , سال 2021ع ۾ چوھڙ جمالي لڳ نوجوان اشرف ونگائي جي قتل ڪيس جو فيصلو اچي ويو. آيڊيشنل سيشن جج اشفاق احمد نظاماڻي سجاول جي عدالت پاران ڏوھ ثابت ٿيڻ تي چار جوابدارن آدم ونگائي، انور ونگائي، صديق ونگائي ۽ سارنگ ونگائي کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته سندن ٻن ساٿي جوابدارن گُلو ۽ ظفر ونگائي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي ,ياد رهي ته هي قتل ڪيس مقتول اشرف ونگائي جي والد غلام قادر ونگائي طرفان لاڏيون ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو، جنهن جي پيروي ناليواري وڪيل ايڊووڪيٽ اعجاز جماڻي ڪئي ,عدالتي فيصلي کان پوءِ علائقي ۾ بحث ۽ ردعمل جاري آهي، جڏهن ته متاثر خاندان پاران انصاف ملڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي۔